bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 6
Genesis 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 7 →
1
جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ ماڻهو پکڙجي ويا ۽ انهن مان ڌيئرون پيدا ٿيون،
2
تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.
3
تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“
4
تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.
5
پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،
6
تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس.
7
سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“
8
پر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو.
9
نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.
11
پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو.
12
خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي.
13
پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي.
14
تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪ ٻيڙو ٺاهج، انهيءَ ٻيڙي ۾ ڪوٺيون ٺاهج ۽ ٻيڙي کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳائج.
15
ٻيڙو اهڙيءَ طرح ٺاهج جو ان جي ڊيگھہ هڪ سؤ چوٽيهہ ميٽر هجي، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي تيرهن ميٽر هجي.
16
ٻيڙي جي ڇت کان اڌ ميٽر هيٺ تائين روشندان وانگر چوڌاري کُليل جاءِ رکج. ٻيڙي ۾ ٽي طبقا ٺاهج ۽ پاسي ۾ هڪ در رکج.
17
آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.
18
پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج.
19
هر قسم جي جانورن، هر قسم جي پکين ۽ هر قسم جي سرندڙ جيتن مان ٻہ ٻہ، يعني نر ۽ مادي تو وٽ ايندا، جن کي تون پاڻ سان ٻيڙي ۾ کڻج تہ جيئن اهي جيئرا رهن.
21
پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“
22
سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50