bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 8
Genesis 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 9 →
1
خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.
2
ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو.
3
پاڻي ڌرتيءَ تان آهستي آهستي لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گھڻو گھٽجي ويو.
4
پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙو اراراط جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي اچي بيٺو.
5
پاڻي لهندو ويو ۽ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
6
چاليهن ڏينهن کان پوءِ نوح ٻيڙي جو هڪڙو روشندان کوليو.
7
هن هڪڙو ڪانءُ اڏاريو جيڪو موٽي ڪونہ آيو، پر ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريو.
8
پوءِ هن هڪڙي ڪبوتري اڏاري، انهيءَ لاءِ جو خبر پوي تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ.
9
پر جيئن تہ اڃا سڄي ڌرتيءَ تي پاڻي بيٺل هو سو ڪبوتريءَ کي هيٺ لهي اچڻ جي جاءِ نہ ملي. تنهنڪري هوءَ ٻيڙي ڏانهن موٽي آئي ۽ نوح هٿ ڊگھيري انهيءَ کي کڻي ٻيڙي ۾ آندو.
10
ست ڏينهن ٻيا ترسڻ کان پوءِ نوح وري انهيءَ ڪبوتريءَ کي اڏاريو.
11
اها سانجھيءَ جو وٽس موٽي آئي ۽ ان جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو، جنهن مان نوح سمجھيو تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي.
12
پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي هن وري بہ ڪبوتري اڏاري جيڪا وٽس موٽي ڪونہ آئي.
13
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ هڪ سال هئي تہ پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو. نوح ٻيڙي جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي.
14
ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ سڄي ڌرتي سڪي ويئي.
15
پوءِ خدا نوح کي چيو تہ
16
”تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ سندن زالن سميت ٻيڙي مان نڪري اچ.
17
سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“
18
تڏهن نوح پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ انهن جي زالن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٻاهر آيو.
19
سڀيئي جانور، سرندڙ جيت ۽ پکي ٻيڙي مان نڪري ٻاهر آيا.
20
پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربانگاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين.
21
قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.
22
جيستائين دنيا هوندي تيستائين پوکي توڙي لوب، سردي ۽ گرمي، اونهارو ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50