bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 29
Genesis 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 30 →
1
پوءِ يعقوب مسافري ڪندو ڪندو اوڀر پاسي رهڻ وارن جي ملڪ ۾ اچي پهتو.
2
اتي هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي جنهن جي ڀر ۾ ٽي ڌڻ رڍن جا ويٺا آهن، ڇاڪاڻ تہ ريڍار انهيءَ ئي کوهہ مان ڌڻن کي پاڻي پيئاريندا هئا. انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪ وڏو پٿر رکيل هو.
3
جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن ريڍار انهيءَ پٿر کي کوهہ جي منهن تان سوري رڍن کي پاڻي پيئاريندا هئا. پوءِ وري اهو پٿر انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا.
4
تڏهن يعقوب ريڍارن کان پڇيو تہ ”ڀائرؤ! اوهين ڪٿان جا آهيو؟“ هنن وراڻيو تہ ”اسين حاران جا آهيون.“
5
هن پڇين تہ ”ڇا اوهين نحور جي پوٽي لابن کي سڃاڻو؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، اسين سڃاڻونس.“
6
وري پڇيائين تہ ”هو چڱو ڀلو تہ آهي؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، چڱو ڀلو آهي. اِجھا، سندس ڌيءَ راخل انهيءَ جو ڌڻ ڪاهيو پيئي اچي.“
7
يعقوب کين چيو تہ ”اڃا ڏينهن گھڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پيئاري وڃي چاريو ڇو نہ ٿا؟“
8
انهن ورندي ڏني تہ ”اسين ائين نہ ٿا ڪري سگھون. جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي گڏ ٿيندا آهن تڏهن کوهہ جي منهن تان پٿر سوريو ويندو آهي ۽ پوءِ اسين رڍن کي پاڻي پيئاريندا آهيون.“
9
هو اڃا ساڻن ڳالهيون ڪري ئي رهيو هو تہ راخل ڌڻ سوڌي اچي پهتي، جنهن کي هوءَ چاريندي هئي.
10
جڏهن يعقوب پنهنجيءَ ماروٽ راخل ۽ پنهنجي مامي لابن جي ڌڻ کي ڏٺو تڏهن کوهہ تي وڃي پٿر پري سوريائين ۽ مامي جي ڌڻ کي پاڻي پيئاريائين.
11
پوءِ راخل جي پيشاني چمي خوشيءَ وچان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
12
يعقوب راخل کي ٻڌايو تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو مائٽ يعني سندس ڀيڻ ربقہ جو پٽ آهيان.“ تڏهن هن ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ کي اهو ٻڌايو.
13
جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي تہ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندو آيو. کيس ڀاڪر پائي چميائين ۽ پنهنجي گھر وٺي آيس. جڏهن يعقوب لابن کي سڄو احوال ٻڌايو،
14
تڏهن لابن چيس تہ ”بيشڪ تون منهنجو هڏ ۽ ماس آهين.“ سو يعقوب اهو مهينو وٽس رهي پيو.
15
لابن يعقوب کي چيو تہ ”جيئن تہ تون منهنجو مائٽ آهين، پوءِ ڇا تون مفت ۾ منهنجو ڪم ڪندين؟ مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيترو پگھار وٺندين؟“
16
لابن کي ٻہ ڌيئر هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو.
17
لياہ جون اکيون چنجھيون هيون، پر راخل خوبصورت ۽ سهڻي هئي.
18
يعقوب جي دل راخل سان هئي، تنهنڪري چيائين تہ ”جيڪڏهن پنهنجي ننڍي ڌيءَ راخل کي مون سان پرڻائيندين تہ آءٌ ست سال تو وٽ ڪم ڪندس.“
19
لابن وراڻيو تہ ”اها ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي جو ڏيان تنهن کان بهتر آهي تہ تو کي ڏيان. سو تون هتي مون وٽ رهي پئُہ.“
20
راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ يعقوب ست سال ڪم ڪيو. ست سال کيس ٿورن ڏينهن جيترا لڳا، ڇو تہ راخل سان سندس دل تمام گھڻي هئي.
21
پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ ”منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻ منهنجي زال مون کي شاديءَ ۾ ڏي.“
22
تڏهن لابن شاديءَ جو ڪاڄ ڪيو ۽ اتي جي سڀني ماڻهن کي ڪانڍيائين.
23
پر شاديءَ جي رات هن راخل جي بدران لياہ آڻي يعقوب کي ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو.
24
لابن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ، پنهنجي ڌيءَ لياہ کي نوڪرياڻي ڪري ڏني.
25
يعقوب صبح جو اُٿي ڇا ڏسي تہ ساڻس تہ لياہ ستل آهي! تڏهن هو لابن وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو هو، پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟“
26
لابن جواب ڏنو تہ ”اسان جي ملڪ ۾ اهو رواج نہ آهي تہ وڏي ويهاري ننڍي پرڻائجي.
27
هن جو ستاواڙو پورو ڪر، پوءِ آءٌ راخل بہ تو کي ڏيندس. پر انهيءَ لاءِ تو کي ست سال ٻيا مون وٽ ڪم ڪرڻو پوندو.“
28
يعقوب اها ڳالهہ کڻي قبول ڪئي. سو جڏهن ستاواڙو پورو ٿيو تہ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل بہ کيس پرڻائي ڏني.
29
لابن پنهنجي ٻانهي بلهاہ پنهنجي ڌيءَ راخل کي نوڪرياڻي ڪري ڏني.
30
يعقوب راخل سان بہ ستو. هو لياہ کان وڌيڪ راخل کي پيار ڪندو هو. پوءِ هن ست سال ٻيا بہ لابن وٽ ڪم ڪيو.
31
جڏهن خداوند ڏٺو تہ لياہ کي پيار نہ ٿو ملي تڏهن هن کيس اولاد جي قابل بڻايو، پر راخل سنڍ رهجي ويئي.
32
لياہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن انهيءَ جو نالو روبن رکيو، ڇوجو هن چيو تہ ”خدا منهنجو ڏک ڏٺو آهي ۽ هاڻ منهنجو مڙس مون سان پيار ڪندو.“
33
هوءَ وري پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس. هن چيو تہ ” خداوند ٻڌو آهي تہ مون سان پيار نہ ٿو ڪيو وڃي، تنهنڪري هن مون کي هي پٽ بہ ڏنو آهي.“ سو انهيءَ جو نالو شمعون رکيائين.
34
هڪ دفعو وري هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو ٻيو پٽ ڄايس. هن چيو تہ ”هاڻي هن ڀيري منهنجي مڙس جي مون سان گھڻي دل لڳندي، ڇو تہ مون کي انهيءَ مان ٽي پٽ ڄاوا آهن.“ تنهنڪري انهيءَ پٽ جو نالو لاوي رکيائين.
35
پوءِ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن چيو تہ ”هن ڀيري آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪنديس.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ ٻار ڄڻڻ بس ڪيائين.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50