bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 28
Genesis 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 29 →
1
سو اسحاق يعقوب کي گھرايو. کيس دعا ڪيائين ۽ تاڪيد ڪندي چيائينس تہ ”تون ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.
2
بلڪ هڪدم فدانارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گھر وڃ. اُتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪجانءِ.
3
شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!
4
شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“
5
سو اسحاق يعقوب کي فدانارام ۾ رهندڙ لابن ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو بيتوايل اراميءَ جو پٽ ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.
6
عيسوءَ کي خبر پيئي تہ اسحاق يعقوب کي دعا ڪري فدانارام ڏانهن شادي ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. کيس اها بہ خبر پيئي تہ دعا ڪرڻ مهل اسحاق کيس تاڪيد ڪيو تہ ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.
7
کيس معلوم ٿيو تہ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدانارام ڏانهن هليو ويو آهي.
8
تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن.
9
سو عيسو ابراهيم جي پٽ اسماعيل وٽ ويو ۽ سندس ڌيءَ محلت، جيڪا نبايوت جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪري کيس پنهنجين زالن ۾ شامل ڪيائين.
10
يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.
11
هو سج لٿي جو هڪڙيءَ جاءِ تي پهتو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. اتان هن هڪڙو پٿر کڻي وِهاڻو ڪيو ۽ انهيءَ ئي هنڌ ليٽي سمهي پيو.
12
اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.
13
پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.
14
اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.
15
پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“
16
پوءِ يعقوب جي اک کُلي ويئي ۽ دل ۾ چيائين تہ ”سچ پچ، خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.“
17
هو ڊڄي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ”هيءَ ڪيڏي نہ هيبتناڪ جاءِ آهي! پڪ هيءَ خدا جي رهڻ جي جاءِ، يعني عرش عظيم جو دروازو آهي.“
18
يعقوب صبح جو سوير اٿيو. جيڪو پٿر مٿي هيٺ وِهاڻو ڪري رکيو هئائين سو يادگار بڻائي اتي کوڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي مٿان تيل پئٽي ان کي مخصوص ڪيائين.
19
هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيتايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو.
20
اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين
21
۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين.
22
جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادتگاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50