bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 23
Genesis 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 24 →
1
سارہ ڪل هڪ سؤ ستاويهہ سال جيئري رهي.
2
هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.
3
پوءِ ابراهيم ميت وٽان اُٿي حِتي قوم وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ
4
”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“
5
انهن جواب ڏنو تہ
6
”سائين! اسان جي ڳالهہ ٻڌو. اسين اوهان کي هڪ وڏو سردار سمجھندا آهيون. اسان جي قبرستان ۾ جيڪا بہ جاءِ اوهان کي وڻي اتي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو. اسان مان ڪوبہ اوهان کي انهيءَ جاءِ کان منع نہ ڪندو.“
7
تڏهن ابراهيم اُٿي اتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيو.
8
کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو هتي دفن ڪريان تہ مهرباني ڪري صُحر جي پٽ عِفرون کي چئو تہ
9
هو مڪفيلاہ جي غار، جيڪا سندس ملڪيت آهي ۽ سندس ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آهي، تنهن جي پوري قيمت وٺي اها مون کي ڏئي تہ جيئن اوهان جي وچ ۾ هڪڙو قبرستان منهنجي ملڪيت هجي.“
10
صُحر جو پٽ عِفرون اتي پنهنجي ماڻهن سان شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. هن انهن سڀني جي روبرو جواب ڏنو تہ
11
”منهنجا سائين! ائين نہ ٿيندو، بلڪ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اها ٻني ۽ جيڪا غار منجھس آهي سي ٻئي آءٌ اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو. اهي آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جي روبرو ڏيان ٿو، اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“
12
ابراهيم هڪ دفعو وري انهن ماڻهن جو ٿورو مڃيو.
13
پوءِ انهن ماڻهن جي روبرو عِفرون کي چيائين تہ ”آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ. آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيندس. اها مون کان وٺ تہ پوءِ آءٌ پنهنجو مُڙدو دفن ڪريان.“
14
عِفرون ورندي ڏيئي چيس تہ
15
”منهنجا سائين! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، زمين جي قيمت چانديءَ جي چار سؤ سڪن جي تور برابر آهي، سي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“
16
ابراهيم عِفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ اوتري چاندي توري کيس ڏنائين، يعني چانديءَ جي چار سؤ سڪن برابر، جيڪي واپارين ۾ چالو هئا.
17
اهڙيءَ طرح عِفرون جي اها ٻني جيڪا مڪفيلاہ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف هئي سا ابراهيم جي ٿي. غار جيڪا منجھس هئي ۽ اهي سمورا وڻ جيڪي انهيءَ جي حد اندر هئا سي شامل هئا.
18
اها ملڪيت حِتي قوم جي روبرو ابراهيم کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي.
19
پوءِ ابراهيم پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلاہ واري ٻنيءَ جي غار ۾ دفن ڪيو. اها غار ڪنعان ملڪ جي ممري شهر جي اوڀر ۾ حبرون جي ڀرسان آهي.
20
سو اها ٻني ۽ اها غار جيڪا حِتي قوم جي ملڪيت هئي سا قبرستان لاءِ ابراهيم جي ملڪيت ٿي.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50