bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 2
Genesis 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 3 →
1
اهڙيءَ طرح زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.
2
ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو.
3
هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ڏينهن قرار ڏنائين، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.
4
اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.
5
جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.
6
پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي.
7
پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.
8
پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين.
9
هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.
10
عدن ۾ هڪڙو درياءُ باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتو ۽ اُتان چئن ندين ۾ ورهائجي ويو.
11
پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي.
12
انهيءَ زمين جو سون نج آهي ۽ اتان موتي ۽ عقيق بہ ملن ٿا.
13
ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي، جيڪا ڪُوش جي سڄي زمين منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي.
14
ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جيڪا اشور جي اوڀر واري پاسي کان وڃي ٿي. چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.
15
پوءِ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي باغباني ۽ سنڀال ڪري.
16
خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج.
17
پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“
18
پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“
19
سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو.
20
سو آدم سڀني جانورن ۽ پکين جا نالا رکيا. پر انهن مان آدم کي ڪوبہ سٺو ساٿي ڪونہ مليو.
21
پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس.
22
خداوند خدا ان پاسريءَ مان هڪ عورت ٺاهي ۽ کيس آدم وٽ وٺي آيو.
23
تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“
24
اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.
25
آدم ۽ سندس زال ٻئي اگھاڙا هئا، تہ بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50