bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 50
Genesis 50
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
1
تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو ۽ کيس چميائين.
2
پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي سرهاڻيون لاتيون.
3
انهيءَ ۾ پورا چاليهہ ڏينهن لڳي ويا، ڇو تہ سرهاڻيون لائڻ ۾ ايترا ئي ڏينهن لڳندا هئا. مصرين هن جي لاءِ ستر ڏينهن سوڳ ملهايو.
4
جڏهن سوڳ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي محلات جي عملدارن کي چيو تہ ”جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مهرباني ڪري منهنجي هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن ۾ وجھو تہ
5
مون يوسف جي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ’جيئن تہ آءٌ مرڻ تي آهيان، سو مون کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪجانءِ جيڪو مون ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي لاءِ خريد ڪري ڇڏيو آهي.‘ تنهنڪري مهرباني ڪري مون يوسف کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري موٽي اچان.“
6
تڏهن فرعون انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري، جيئن سندس پيءُ کيس قسم کڻايو هو.“
7
تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. فرعون جا سڀ عملدار، سندس محلات جا ناظم ۽ مصر ملڪ جا سڀ اڳواڻ يوسف سان گڏجي هليا.
8
يوسف جو سمورو خاندان، سندس ڀائر ۽ سندس پيءُ جي گھر جا باقي ٻيا ڀاتي بہ ساڻس گڏجي هليا. هنن فقط پنهنجا ٻار، رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ئي جشن جي علائقي ۾ ڇڏيا.
9
گاڏين وارا ۽ گھوڙي سوار سڀيئي ساڻس گڏ ويا. سو هڪ وڏو انبوهہ يوسف سان روانو ٿيو.
10
جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو.
11
جڏهن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن اهو اتد جي ڳاهہ ڳاهڻ واري جاءِ وارو سوڳ ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”مصري ڪيڏو نہ سخت سوڳ ڪن ٿا!“ انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو ابيلمصرئيم پئجي ويو. اها جاءِ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي.
12
سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو.
13
هو سندس لاش کي ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا. هنن کيس ممري جي اوڀر ۾ مڪفيلاہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيو، جيڪا ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪئي هئي.
14
يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، تن سميت موٽي مصر ۾ آيو.
15
جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي هئي تنهن جو اسان کان بدلو وٺندو.“
16
تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو تہ ”توهان جي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ توهان لاءِ هڪڙي وصيت ڪئي هئي تہ
17
’تنهنجي ڀائرن تو سان بڇڙائي ڪندي جيڪو قصور ۽ ڏوهہ ڪيو هو سو هاڻي ڀلائي ڪري کين بخشي ڇڏ.‘ تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري اسان جو ڏوهہ معاف ڪريو، جيڪو اسان توهان جي پيءُ جي خدا جي ٻانهن ڪيو آهي.“ جڏهن يوسف کي اهو نياپو رسيو تہ هن روئي ڏنو.
18
پوءِ هن جي ڀائرن بہ پاڻ وڃي سندس اڳيان مٿا ٽيڪيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسين توهان جا غلام آهيون.“
19
پر يوسف کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟
20
اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.
21
سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.
22
يوسف پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان سميت مصر ۾ ئي رهڻ لڳو. هو هڪ سؤ ڏهہ سال جيئرو رهيو.
23
يوسف پنهنجي ننڍي پٽ افرائيم جا پٽ پوٽا بہ ڏٺا ۽ پنهنجي وڏي پٽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ سندس هنج ۾ پليا.
24
آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“
25
پوءِ يوسف انهن کي قسم کڻائي چيو تہ ”اوهين مون سان واعدو ڪريو تہ جڏهن خدا اوهان کي ان ملڪ ڏانهن وٺي وڃي تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي ويندءُ.“
26
اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
Recommended Reading
Commentary
Genesis Commentaries
→
Devotional
Genesis Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→