bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 35
Genesis 35
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 36 →
1
پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ ”بيتايل ۾ وڃي رهہ ۽ اتي مون خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهہ، جتي مون تو کي ان وقت ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي وئين.“
2
سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو.
3
پوءِ اچو تہ بيتايل ڏانهن هلون. اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيندس، جنهن مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪئي هئي ۽ جتي بہ ويس ٿي اتي مون سان گڏ هو.“
4
سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.
5
پوءِ هو اتان روانا ٿيا. هنن جي آسپاس جي شهرن کي اهڙو تہ خوف وٺي ويو جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سندن پيڇو ڪونہ ڪيو.
6
سو يعقوب انهن سڀني سميت جيڪي ساڻس گڏ هئا، لوز يعني بيتايل ۾ آيو جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي.
7
هن اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو ”ايل بيتايل“ رکيائين، ڇو تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي ويو تڏهن انهيءَ ئي جاءِ تي خدا کيس ڏيکاري ڏني هئي.
8
اتي ربقہ جي دائي دبورہ وفات ڪئي ۽ کيس بيتايل جي ڏاکڻي پاسي شاهہبلوط وڻ هيٺ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ڪري ان وڻ جو نالو ”روڄ وارو شاهہبلوط“ پئجي ويو.
9
جڏهن يعقوب فدانارام کان موٽي آيو تہ خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏني ۽ کيس برڪت ڏنائين.
10
خدا چيس تہ ”اڄ تائين تنهنجو نالو يعقوب رهيو آهي، اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏبو.“ سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.
11
خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.
12
جيڪو ملڪ مون ابراهيم ۽ اسحاق کي ڏنو هو سو آءٌ تو کي ڏيندس ۽ تو کان پوءِ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“
13
پوءِ خدا جتي ساڻس ڳالهيون ڪيون، اتان ئي يعقوب وٽان مٿي هليو ويو.
14
يعقوب ان جاءِ تي يادگار طور هڪ ٿنڀي جيان پٿر کڙو ڪيو جتي خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون ۽ انهيءَ ٿنڀي تي خدا لاءِ اوتڻ وارو نذرانو ۽ تيل پئٽيائين.
15
يعقوب ان جاءِ جو نالو بيتايل رکيو.
16
پوءِ هو بيتايل مان روانا ٿيا ۽ اِفرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.
17
ٻار ڄڻڻ وقت جڏهن سندس سور تمام گھڻو وڌي ويا تڏهن دائيءَ چيس تہ ”ڊڄ نہ، تو کي هن ڀيري بہ پٽ ڄمندو.“
18
جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي تڏهن پٽ جو نالو بناوني رکيائين، جنهن بعد هن دم ڏنو. پر يعقوب انهيءَ جو نالو بنيامين رکيو.
19
سو راخل مري ويئي ۽ کيس اِفرات يعني بيتلحم جي دڳ تي دفن ڪيو ويو.
20
يعقوب انهيءَ جي قبر تي هڪڙو ٿنڀو کوڙيو جيڪو راخل جي قبر تي اڄ ڏينهن تائين موجود آهي.
21
پوءِ هو مسافري ڪندو اڳتي وڌيو ۽ مجدلعدر جي پرئين پاسي وڃي پنهنجو تنبو کوڙيائين.
22
جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.
23
يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي ، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.
24
راخل مان يوسف ۽ بنيامين هئس.
25
راخل جي ٻانهي بلهاہ مان دان ۽ نفتالي هئس.
26
لياہ جي ٻانهي زِلفاہ مان جد ۽ آشر هئس. اهي هئا يعقوب جا پٽ جيڪي کيس فدانارام ۾ ڄاوا.
27
يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ ممري ۾ آيو جيڪو قريتاربع يعني حبرون شهر جي ويجھو آهي، اتي ابراهيم ۽ اسحاق رهندا هئا.
28
اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي سال هئي
29
تہ هن دم ڏنو ۽ مري ويو. هو وڏي عمر ماڻي وڃي پنهنجن سان گڏيو. سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفنايو.
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50