bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 44
Genesis 44
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 45 →
1
پوءِ يوسف پنهنجي گھر جي منتظم کي حڪم ڏنو تہ ”هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اناج ڀر جيترو هو کڻي سگھن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پئسا سندس ٻوري جي منهن ۾ وجھي ڇڏ.
2
منهنجو چانديءَ جو پيالو سڀني کان ننڍي جي ٻوري جي منهن ۾ سندس اناج جي پئسن سميت وجھي ڇڏ.“ سو جيئن يوسف هن کي چيو تيئن ئي ڪيائين.
3
پوءِ پرهہ ڦٽيءَ مهل انهن ماڻهن کي سندن گڏهن سوڌو روانو ڪيو ويو.
4
جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا تہ يوسف پنهنجي منتظم کي چيو تہ ”اُٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ. جڏهن تون کين پهچين تڏهن چئجان تہ ’اوهان نيڪيءَ جي بدلي بدي ڇو ڪئي آهي؟ اوهان ڇو منهنجي مالڪ جو پيالو چورايو آهي؟
5
هي اهو پيالو آهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي ۽ هو فال بہ انهيءَ سان ئي ڏسندو آهي. اوهان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو چڱو نہ ڪيو اٿوَ.‘“
6
پوءِ هو وڃي انهن کي پهتو ۽ کين ساڳيا ئي لفظ چيائين.
7
تڏهن هنن چيس تہ ”اسان جا آقا! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو؟ خدا نہ ڪري جو توهان جا ٻانها اهڙو ڪم ڪن.
8
اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي پئسا اسان کي پنهنجن ٻورن جي منهن ۾ پيل مليا هئا، سي بہ اسان ڪنعان جي ملڪ مان موٽائي اوهان وٽ آندا، تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو اسين اوهان جي مالڪ جي گھر مان چاندي يا سون چورايون؟
9
سائين، جيڪڏهن اسان مان ڪنهن وٽان بہ اهو نڪري تہ پوءِ ڀلي انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ اسين باقي ٻيا بہ پنهنجي آقا جا غلام ٿينداسين.“
10
تڏهن هن چين تہ ”چڱو، جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ٿيندو. پر جنهن وٽان اهو نڪرندو سو ئي منهنجو غلام ٿيندو ۽ باقي ٻيا سڀ بيڏوهي ٿيندا.“
11
تڏهن هنن جلد پنهنجا ٻورا لاهي زمين تي رکيا ۽ هر ڪنهن پنهنجو ٻورو کوليو.
12
پوءِ يوسف جو منتظم سندن تلاشي وٺڻ لڳو. هو وڏي کان شروع ڪري ننڍي تائين آيو ۽ پيالو بنيامين جي ٻوري مان نڪتو.
13
تنهن تي هنن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. پوءِ سڀيئي پنهنجا گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيا.
14
جڏهن يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گھر پهتا تہ هو اڃا اتي ئي هو. هو سندس اڳيان زمين تي اچي ڪريا.
15
تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“
16
تنهن تي يهوداہ چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ڪيئن اسين پنهنجي صفائي پيش ڪريون؟ خدا اوهان جي ٻانهن جي برائي پڪڙي ورتي. هاڻي اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي سي سڀ پنهنجي آقا جا غلام آهيون.“
17
تڏهن يوسف چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان. جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي سو ئي منهنجو غلام ٿيندو. باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو.“
18
يهوداہ يوسف جي ويجھو اچي چيو تہ ”اي منهنجا آقا! پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ پنهنجي آقا سان ڪا ڳالهہ ڪري ۽ اوهان جي ڪاوڙ اوهان جي ٻانهي تي ڀڙڪو نہ کائي، ڇو تہ اوهين بہ مصر جي بادشاهہ جهڙا ئي آهيو.
19
منهنجا آقا، اوهان اسان کان پڇيو هو تہ آيا اسان کي پيءُ ۽ ڪو ٻيو ڀاءُ بہ آهي؟
20
اسان پنهنجي آقا کي جواب ڏنو هو تہ ’اسان کي پيرسن پيءُ آهي. کيس پيريءَ ۾ ڄاول هڪڙو ننڍو پٽ بہ آهي، جنهن جو ڀاءُ مري ويو آهي ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو ئي وڃي بچيو آهي. پڻس مٿس ساهہ صدقي ويندو آهي.‘
21
تڏهن اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ کيس ڏسان.‘
22
تنهن تي اسان پنهنجي آقا کي چيو هو تہ ’اهو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ کي ڇڏي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ پڻس مري ويندو.‘
23
پر اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’جيستائين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيستائين اوهين منهنجي سامهون نہ اچجو.‘
24
جڏهن اسين تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ وياسين تڏهن جيڪي ڪجھہ اسان جي آقا چيو هو سو کيس ٻڌايوسون.
25
پوءِ اسان جي پيءُ چيو تہ ’اوهين وري وڃو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھہ کاڌو خريد ڪري اچو.‘
26
پر اسان چيو تہ ’اسين ائين وڃي نہ ٿا سگھون. جيڪڏهن اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ اسان سان هلندو تہ پوءِ اسين وينداسين، ڇاڪاڻ تہ جيستائين اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان نہ هوندو، تيستائين اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي سامهون وڃي نہ سگھنداسين.‘
27
تڏهن اوهان جي ٻانهي منهنجي پيءُ اسان کي چيو تہ ’اوهان کي خبر آهي تہ منهنجيءَ زال راخل کي مون مان ٻہ ئي پٽ ڄاوا.
28
انهن مان هڪڙو تہ مون کي ڇڏي هليو ويو. مون چيو تہ هن کي ضرور ڪنهن جھنگلي جانور ڦاڙي کائي ڇڏيو هوندو، ڇو تہ وري کيس ڪونہ ڏٺو اٿم.
29
جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪندا.‘
30
سو هاڻي جيڪڏهن آءٌ اوهان جي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو تہ جڏهن منهنجو پيءُ، جنهن جو هن ڇوڪر ۾ ساهہ آهي، سو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي تڏهن هو مري ويندو. پوءِ اسين توهان جا ٻانها پنهنجي پيرسن پيءُ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪنداسون.
32
ٻي ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هئس. مون کيس چيو هو تہ ’جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي توهان وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ عمر ڀر توهان جو ڏوهاري ٿيندس.‘
33
تنهنڪري هاڻي منهنجو عرض آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي آقا جو غلام ٿي رهان ۽ ڇوڪر پنهنجي ڀائرن سان موٽي وڃي.
34
انهيءَ سبب جو جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ پوءِ آءٌ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ خدا نہ ڪري جو مون کي اها مصيبت ڏسڻي پوي جيڪا منهنجي پيءُ تي ايندي.“
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 45 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50