bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 32
Genesis 32
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 33 →
1
يعقوب پنهنجي واٽ وٺيو پئي ويو تہ رستي ۾ کيس خدا جا ملائڪ گڏيا.
2
يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.
3
يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.
4
هن کين هدايت ڪري چيو تہ ”منهنجي آقا عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو تہ ’آءٌ توهان جو ٻانهو يعقوب هيلتائين لابن وٽ رهيل هئس.
5
مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“
6
جڏهن قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا تہ کيس ٻڌايائون تہ ”اسين توهان جي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين. هو چار سؤ جوان ساڻ ڪري پاڻ توهان سان ملڻ لاءِ اچي ٿو.“
7
تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو گھٻرائجي ويو. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي ۽ ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين ۽ اٺن کي ٻن ٽولن ۾ ورهايائين.
8
هن سوچيو تہ ”جيڪڏهن عيسو هڪڙي ٽولي تي اچي حملو ڪري ۽ انهيءَ کي ماري تہ جيئن ٻيو ٽولو ڀڄي نڪري وڃي.“
9
پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس.
10
تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.
11
آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.
12
پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“
13
سو هن اها رات اتي ئي گذاري ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن مان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ ڪجھہ کنيائين،
14
جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا،
15
ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ گڏهہ.
16
هن اهي جدا جدا ڌڻن جي صورت ۾ پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيا ۽ کين چيائين تہ ”اوهين مون کان اڳي هلو ۽ ڌڻن جي وچ ۾ ڪجھہ مفاصلو رکجو.“
17
هن سڀ کان اڳئين ڌڻ واري نوڪر کي سمجھايو تہ ”جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو تو سان گڏجي ۽ تو کان پڇي تہ ’تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ تنهنجي اڳيان هي ڪنهن جو مال آهي؟‘
18
تڏهن تون چئجانءِ تہ ’اهو توهان جي خادم يعقوب جو مال آهي جيڪو پنهنجي آقا عيسوءَ جي لاءِ سوکڙي ڪري موڪليو اٿائين ۽ هو پاڻ بہ پٺيان اچي رهيو آهي.‘“
19
اهڙيءَ طرح هن ٻئي، ٽئين ۽ سڀني ڌڻن جي پٺيان هلڻ وارن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين جڏهن عيسوءَ سان ملو تہ ائين ئي چئجوس.
20
وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“
21
سو هن جون سوکڙيون هن کان اڳ ۾ ويون پر هن پاڻ اها رات قافلي ۾ گذاري.
22
ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو.
23
کين نهر پار ڪرائي هو واپس موٽيو ۽ اتي جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ پڻ هنن ڏانهن پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين.
24
يعقوب پاڻ اڪيلو پوئتي رهي پيو. تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو پرهہ ڦٽڻ تائين ساڻس ملهہ وڙهندو رهيو.
25
جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.
26
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“
27
تڏهن انهيءَ شخص پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ” يعقوب.“
28
هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“
29
تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.
30
سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي فنيايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“
31
جڏهن هو فنيايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو.
32
اهو ئي سبب آهي جو بني اسرائيل اڄ ڏينهن تائين ران جي اندرين پاسي واري رڳ نہ کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ شخص يعقوب جي ران کي ڌڪ هنيو هو ۽ هن جي ران ڪڍي وڌي هئائين.
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50