bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 24
Genesis 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 25 →
1
ابراهيم تمام پوڙهو ٿي ويو هو ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ کيس برڪت ڏني هئي.
2
هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي پراڻي نوڪر کي سڏيو، جيڪو سندس سڄي ملڪيت سنڀاليندو هو ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک.
3
آءٌ تو کي خداوند ، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.
4
پر منهنجي ملڪ ۾ منهنجي مائٽن مان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ ڪنوار آڻيندين.“
5
نوڪر پڇيس تہ ”جيڪڏهن اها مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ؟ ڇا آءٌ اوهان جي پٽ کي پاڻ سان انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جتان اوهين نڪري آيا آهيو؟“
6
ابراهيم ورندي ڏنس تہ ”خبردار، متان منهنجي پٽ کي اوڏانهن وٺي ويو آهين.
7
خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.
8
جيڪڏهن اها تو سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ تون هن قسم کان آجو آهين. پر منهنجي پٽ کي اوڏانهن ڪنهن بہ صورت ۾ نہ وٺي وڃجانءِ.“
9
پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابراهيم جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ جيڪي ابراهيم چيو هئس تنهن بابت قسم کنيائين.
10
پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.
11
اُتي شام جو شهر جي ٻاهران کوهہ وٽ اٺ آڻي جھڪايائين. انهيءَ وقت عورتون اتي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون.
12
پوءِ دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! اڄ مون کي سوڀ ڏي ۽ منهنجي مالڪ تي پنهنجي عهد موجب مهرباني ڪر.
13
هتي آءٌ کوهہ وٽ بيٺو آهيان ۽ شهر جون جوان ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ اچن ٿيون.
14
شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“
15
اڃا هن دعا پوري ئي ڪانہ ڪئي هئي تہ ربقہ آئي ۽ دلو سندس ڪلهي تي هو. هوءَ بيتوايل جي ڌيءَ هئي جيڪو ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي زال مِلڪاہ جو پٽ هو.
16
اها ڇوڪري ڏاڍي سهڻي، ڪنواري ۽ مرد جي هٿ کان بچيل هئي. هوءَ کوهہ تي ويئي ۽ دلو ڀري موٽي آئي.
17
تڏهن اهو نوڪر ڊوڙي وڃي ساڻس گڏيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري پنهنجي دلي مان مون کي ٿورو پاڻي پيئار.“
18
هن چيس تہ ”سائين! ڀلي پيئو.“ پوءِ جلد ۾ ڪلهي تان دلو لاهي هٿن تي ڪري انهيءَ کي پاڻي پيئاريائين.
19
جڏهن هن کي پاڻي پيئاري بس ڪيائين تڏهن چيائينس تہ ”آءٌ توهان جي اٺن لاءِ بہ پاڻي ڀري ٿي اچان. ڀلي اهي بہ پي ڍءُ ڪن.“
20
پوءِ ربقہ جلد پنهنجو دلو حوض ۾ خالي ڪري وڌيڪ پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهہ ڏانهن ڀڳي ۽ هن جي سڀني اٺن کي پاڻي پيئاريائين.
21
اهو ماڻهو کيس چتائي ڏسندو رهيو تہ ”ڏسان تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي يا نہ.“
22
جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.
23
پوءِ پڇيائينس تہ ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ تنهنجي پيءُ جي گھر ۾ اسان جي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي؟“
24
هن جواب ڏنو تہ ”منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.“
25
وڌيڪ چيائينس تہ ”اسان وٽ گاهہ ۽ چارو تمام گھڻو آهي ۽ رهڻ جي جاءِ بہ آهي.“
26
تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو.
27
پوءِ چيائين تہ ” خداوند ، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“
28
پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ ڊوڙي وڃي پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي.
29
انهيءَ ڇوڪريءَ ربقہ کي هڪڙو ڀاءُ هو جنهن جو نالو لابن هو.
30
لابن جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ ۽ سندس هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا ۽ جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ سندس ڀيڻ کي چيو هو سو کانئس ٻڌائين، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ ڊوڙي ويو جيڪو کوهہ تي اٺن جي ڀرسان بيٺو هو.
31
لابن کيس چيو تہ ”اي خداوند جا ڀلارا انسان! اچ، اندر اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اٺن جي لاءِ بہ جاءِ تيار ڪئي آهي.“
32
پوءِ لابن انهيءَ ماڻهوءَ کي گھر وٺي آيو ۽ سندس اٺن تان بار لاهي انهن کي گاهہ ۽ چارو ڏنائين. هن ابراهيم جي نوڪر ۽ سندس ساٿين کي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏنو.
33
پوءِ هن جي اڳيان کاڌو رکيو ويو، پر هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ پنهنجو ڪم نہ ٻڌائيندس تيستائين ڪونہ کائيندس.“ لابن چيس تہ ”چڱو، ٻڌاءِ.“
34
تڏهن هن چيو تہ ”آءٌ ابراهيم جو نوڪر آهيان.
35
خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.
36
منهنجي مالڪ کي سندس زال سارہ جي ٻڍاپي ۾ منجھانئس پٽ ڄائو، وٽس جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ انهيءَ پٽ کي ڏيئي ڇڏيو اٿس.
37
منهنجي مالڪ مون کان قسم تي واعدو وٺي چيو آهي تہ ’تون ڪنعانين جي ڌيئرن مان، جن جي ملڪ ۾ آءٌ رهان ٿو، ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائجانءِ.
38
پر تون منهنجي پيءُ جي ڪٽنب ۽ منهنجي مٽن مائٽن وٽ وڃجانءِ ۽ منهنجي پٽ لاءِ زال وٺي اچجانءِ.‘
39
تڏهن مون پنهنجي مالڪ کان پڇيو تہ ’جيڪڏهن اها ڇوڪري مون سان گڏ نہ اچي تہ پوءِ؟‘
40
هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ.
41
جڏهن تون منهنجي مائٽن وٽ وڃين تڏهن تون منهنجي قسم کان آجو آهين، پوءِ جيڪڏهن اهي تو کي ڪا ڇوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪن تہ بہ تون آجو آهين.‘
42
اڄ جڏهن آءٌ کوهہ تي آيس تہ دعا گھريم تہ ’اي خداوند ، منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! منهنجو پنڌ سجايو ڪر.
43
آءٌ هتي کوهہ وٽ بيٺو آهيان، جڏهن جوان ڇوڪري کوهہ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي تہ آءٌ کيس چوندس تہ ”مون کي پنهنجي دلي مان پاڻي پيئار.“
44
جيڪڏهن اها چوي تہ ”ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن لاءِ بہ پاڻي آڻيان ٿي،“ تہ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو منهنجي مالڪ جي پٽ جي زال ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘
45
اڃا مون پنهنجيءَ دل ۾ دعا گھري بس ڪئي، تہ ربقہ ڪلهي تي دلو رکي اچي نڪتي. هوءَ کوهہ تي ويئي ۽ پاڻي ڀريائين. تڏهن مون کيس چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي پاڻي پيئار.‘
46
هن هڪدم ڪلهي تان دلو لاهي چيو تہ ’پيءُ، آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ سو مون پاڻي پيتو ۽ هن منهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئاريو.
47
مون کانئس پڇيو تہ ’تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟‘ هن جواب ڏنو تہ ’منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.‘ تڏهن مون سندس نڪ ۾ نٿ ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارايا.
48
پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند ، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.
49
هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي مالڪ سان مهربانيءَ ۽ وفا سان پيش اچڻ گھرو ٿا تہ مون کي ٻڌايو ۽ جي نہ، تہ بہ مون کي ٻڌايو، پوءِ آءٌ سوچيندس تہ ڇا ڪرڻ گھرجي.“
50
تڏهن لابن ۽ بيتوايل وراڻيو تہ ”اها ڳالهہ خداوند جي طرفان آهي، سو اسين ڪجھہ بہ نہ ٿا چئي سگھون.
51
اِجھا، ربقہ تنهنجي سامهون آهي ڀلي وٺي وڃيس تہ جيئن اها خداوند جي چوڻ مطابق تنهنجي مالڪ جي پٽ جي زال ٿئي.“
52
جڏهن ابراهيم جي نوڪر هنن جا اهي لفظ ٻڌا تہ زمين تي جھڪي خداوند کي سجدو ڪيائين.
53
پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.
54
پوءِ ابراهيم جي نوڪر ۽ ٻين ماڻهن، جيڪي ساڻس گڏ هئا تن کاڌو ۽ پيتو ۽ رات اتي گذاريائون. جڏهن صبح جو اٿيا تڏهن هن چيو تہ ”هاڻي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي وڃان.“
55
پر ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ چيو تہ ”ڇوڪريءَ کي گھٽ ۾ گھٽ ڏهہ ڏينهن اسان وٽ رهڻ ڏي، تنهن کان پوءِ هوءَ اوهان سان هلندي.“
56
پر هن چيو تہ ”مون کي نہ روڪيو. خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي سو ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃان.“
57
هنن چيو تہ ”اسين ڇوڪريءَ کي سڏي کانئس پڇون ٿا تہ هوءَ ڇا ٿي چوي.“
58
سو هنن ربقہ کي سڏيو ۽ پڇيائونس تہ ”تون هن ماڻهوءَ سان ويندينءَ؟“ هن جواب ڏنو تہ ”هائو، وينديس.“
59
پوءِ هنن پنهنجي ڀيڻ ربقہ، سندس دائيءَ، ابراهيم جي نوڪر ۽ سندس ماڻهن کي موڪل ڏيئي روانو ڪيو.
60
انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“
61
پوءِ ربقہ ۽ سندس نوڪرياڻيون، ابراهيم جي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اُٿي اٺن تي چڙهيون ۽ اهو نوڪر ربقہ کي وٺي روانو ٿيو.
62
اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ کان آيو هو ۽ ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي رهندو هو.
63
هو شام جو ٻنين ۾ پنهنجي خيال ۾ گھمي رهيو هو تہ اٺن کي ايندو ڏٺائين.
64
جڏهن ربقہ اسحاق کي ڏٺو تہ اٺ تان لهي پيئي
65
۽ ابراهيم جي نوڪر کان پڇيائين تہ ”هو ڪير آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ اسان سان ملڻ لاءِ ٿو اچي؟“ نوڪر جواب ڏنو تہ ”اهو منهنجو مالڪ آهي.“ تڏهن هن نقاب هيٺ ڪري پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو.
66
نوڪر جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو سڀ ڪجھہ اسحاق کي ٻڌايائين.
67
پوءِ اسحاق ربقہ کي ان تنبوءَ ۾ وٺي آيو جنهن ۾ سندس ماءُ رهندي هئي. پوءِ هن ساڻس شادي ڪئي. اسحاق ربقہ سان پيار ڪرڻ لڳو، انهيءَ ڪري اسحاق کي سندس ماءُ جي وفات جي ڏک کان تسلي ملي.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50