bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 26
Genesis 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 27 →
1
اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.
2
خداوند اسحاق کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”مصر ڏانهن نہ وڃ پر جنهن ملڪ لاءِ آءٌ تو کي چوان انهيءَ ۾ رهہ.
3
تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.
4
آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.
5
انهيءَ جو سبب هي آهي جو ابراهيم منهنجي فرمانبرداري ڪئي هئي ۽ منهنجي هدايتن ۽ سڀني حڪمن تي عمل ڪيو هئائين.“
6
سو اسحاق جرار ۾ رهڻ لڳو.
7
جڏهن اتي جي ماڻهن کانئس سندس زال جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ چيائين تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ هن انهيءَ کي پنهنجي زال نہ چيو، ڇو تہ هو ڊنو ٿي تہ ”متان اتي جا ماڻهو ربقہ کي هٿ ڪرڻ خاطر مون کي ماري وجھن،“ ڇاڪاڻ تہ هوءَ تمام سهڻي هئي.
8
جڏهن اسحاق کي اتي رهندي گھڻو وقت ٿي ويو تہ پوءِ هڪ ڏينهن ابيملڪ بادشاهہ پنهنجي دريءَ مان ٻاهر هيٺ نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ اسحاق ربقہ سان پيار پئي ڪيو.
9
تنهن تي ابيملڪ اسحاق کي گھرايو ۽ چيائينس تہ ”هوءَ تہ تنهنجي زال آهي! پوءِ تو ڪيئن ٿي چيو تہ اها منهنجي ڀيڻ آهي؟“ اسحاق ورندي ڏني تہ ”مون سمجھيو ٿي تہ زال چوڻ سان متان مون کي ماريو وڃي.“
10
ابيملڪ چيو تہ ”تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ آسانيءَ سان هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگھي ها ۽ پوءِ تون اسان کي ڏوهاري بڻائي ڇڏين ها.“
11
ان کان پوءِ ابيملڪ سڀني ماڻهن کي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو بہ هن ماڻهوءَ يا سندس زال کي هٿ لائيندو سو ضرور ماريو ويندو.“
12
اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.
13
هو شاهوڪار ٿي پيو. سندس دولت وڌندي ويئي تان جو هو وڏو امير ٿي پيو.
14
هو گھڻين ئي رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن ۽ نوڪرن جو مالڪ ٿي ويو، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.
15
سو جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابراهيم جي جيئري، ابراهيم جي نوڪرن کوٽيا هئا سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا.
16
پوءِ ابيملڪ اسحاق کي چيو تہ ”اسان وٽان هليو وڃ، ڇو تہ تون اسان کان وڌيڪ زور وارو ٿي پيو آهين.“
17
سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي برساتي نهر وٽ پهچي اتي پنهنجا تنبو کوڙي رهي پيو.
18
هن وري اهي کوهہ کوٽايا جيڪي سندس پيءُ ابراهيم جي ڏينهن ۾ کوٽيا ويا هئا ۽ جيڪي فلستين ابراهيم جي مرڻ کان پوءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. اسحاق انهن کوهن تي ساڳيا ئي نالا رکيا جيڪي پڻس رکيا هئا.
19
اسحاق جي نوڪرن انهيءَ برساتي نهر ۾ کوٽائي پئي ڪئي تہ کين اتان هڪ وهندڙ پاڻيءَ جو چشمو مليو.
20
جرار شهر جي ڌنارن اسحاق جي ڌنارن سان جھيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هيءُ پاڻي اسان جو آهي.“ سو اسحاق کوهہ جو نالو ”جھيڙو“ رکيو.
21
پوءِ اسحاق جي نوڪرن هڪ ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهيءَ تان بہ جھيڙو ٿي پيو، سو هن انهيءَ جو نالو ”دشمني“ رکيو.
22
پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽايائين، جنهن تي ڪوبہ جھيڙو ڪونہ ٿيو. سو هن انهيءَ جو نالو ”ڪشاديون جايون“ رکيو ۽ چيائين تہ ”هاڻ خداوند اسان کي رهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ڏني آهي. سو اسين هن ڌرتيءَ تي وڌندا ويجھنداسين.“
23
اتان اسحاق بيرسبع ڏانهن ويو،
24
جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“
25
پوءِ اسحاق اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ خداوند جي عبادت ڪئي. اتي هن پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ پنهنجي نوڪرن کان هڪڙو کوهہ کوٽايائين.
26
ابيملڪ جرار مان پنهنجي صلاحڪار احوزت ۽ پنهنجي فوج جي سپهہسالار فيڪل سان گڏجي اسحاق سان ملڻ لاءِ آيو.
27
اسحاق کانئن پڇيو تہ ”اوهين مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ جڏهن تہ اوهين منهنجي خلاف هئا ۽ مون کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو هُيئہَ.“
28
تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”هاڻي اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي تہ خداوند تو ساڻ آهي، سو اسان جو خيال آهي تہ تون ۽ اسان قسم تي عهد ڪريون. اچ تہ معاهدو ڪريون،
29
تہ تون اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائيندين، جيئن اسان تو کي هٿ بہ نہ لاتو هو. اسان تو سان نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو هو ۽ تو کي صحيح سلامت روانو ڪيو هو. هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ تون خداوند جو ڀلارو انسان آهين.“
30
پوءِ اسحاق سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو.
31
صبح جو سوير اُٿي هنن هڪٻئي سان قسم کنيو. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا.
32
انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اسحاق جي نوڪرن اچي کيس ٻڌايو تہ ”جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.“
33
تنهن تي هن انهيءَ کوهہ جو نالو ”قسم“ رکيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.
34
جڏهن عيسو چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن حِتي قوم جي ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪيائين، هڪڙي بيريءَ جي ڌيءَ يهوديت ۽ ٻي اَيلون جي ڌيءَ باسمت.
35
انهن اسحاق ۽ ربقہ جي زندگي زهر ڪري ڇڏي.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50