bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 16
Genesis 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 17 →
1
ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي،
2
سو سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ” خداوند مون کي اولاد کان محروم رکيو آهي. تنهنڪري تون ڇو نہ منهنجي انهيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃين. شايد انهيءَ مان مون کي ڪو ٻار ملي.“ ابرام سارائيءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.
3
تڏهن سارائيءَ پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي هاجرہ زال ڪري ڏني. ان وقت تائين ابرام کي ڪنعان ملڪ ۾ رهندي ڏهہ سال ٿي ويا هئا.
4
ابرام هاجرہ وٽ ويو تہ هوءَ پيٽ سان ٿي. جڏهن کيس خبر پيئي تہ ”مون کي پيٽ ٿيو آهي،“ تڏهن هوءَ فخر ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ کي حقير سمجھڻ لڳي.
5
تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“
6
ابرام جواب ڏنو تہ ”چڱو، هوءَ تنهنجي ٻانهي آهي ۽ تنهنجي هٿ ۾ آهي. سو جيئن تو کي وڻي تيئن تون ساڻس ڪر.“ پوءِ سارائيءَ هاجرہ کي ايتري تہ تڪليف ڏني جو هوءَ ڀڄي نڪتي.
7
خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻپٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.
8
هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“
9
خداوند چيس تہ ”تون هن وٽ موٽي وڃ ۽ سندس ٻانهي ٿي رهہ.“
10
پوءِ هن وڌيڪ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي اولاد کي ايترو تہ وڌائيندس جو ڪوبہ انهن جو شمار نہ ڪري سگھندو.
11
تون پيٽ سان آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. تون انهيءَ جو نالو اسماعيل رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.
12
جيئن جھنگلي گڏهہ آزاد رهندو آهي، تيئن تنهنجو پٽ بہ آزاد ۽ خود مختيار رهندو. هو پنهنجي سڀني مائٽن کان الڳ اوڀر طرف رهندو.“
13
هاجرہ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو تہ ”ڇا مون سچ پچ خدا کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟“ سو جنهن ساڻس ڳالهايو هو تنهن جو نالو هن ”ڏسندڙ خدا“ رکيو.
14
انهيءَ ڪري ماڻهو ان کوهہ کي جيڪو قادش ۽ برد جي وچ ۾ آهي، ”ڏسندڙ جيئري خدا جو کوهہ“ سڏيندا آهن.
15
هاجرہ کي ابرام مان هڪ پٽ ڄائو ۽ ابرام انهيءَ جو نالو اسماعيل رکيو.
16
تنهن وقت ابرام جي عمر ڇهاسي سال هئي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50