bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 3
Genesis 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 4 →
1
خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“
2
عورت وراڻيو تہ ”اسين تہ باغ ۾ هر وڻ جو ميوو کائي سگھون ٿا،
3
سواءِ انهيءَ وڻ جي جيڪو باغ جي وچ ۾ آهي. خدا اسان کي چيو آهي تہ ’ان وڻ جو ميوو نہ کائجو ۽ نہ ان کي هٿ ئي لائجو، متان مري وڃو.‘“
4
نانگ وراڻيو تہ ”اوهين هرگز ڪونہ مرندا.
5
خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“
6
عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.
7
جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.
8
انهيءَ شام هنن باغ ۾ خداوند خدا جي گھمڻ جو آواز ٻڌو ۽ وڻن ۾ وڃي پاڻ کي انهيءَ کان لڪايائون.
9
پر خداوند خدا آدم کي سڏي چيو تہ ”تون ڪٿي آهين؟“
10
آدم جواب ڏنو تہ ”مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو. آءٌ ڊڄي ويس ۽ تو کان پاڻ کي لڪايم، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اگھاڙو هئس.“
11
خدا پڇيس تہ ”تو کي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اگھاڙو آهين؟ ڇا تو اهو ميوو کاڌو، جنهن جي لاءِ مون تو کي جھليو هو تہ نہ کائجانءِ؟“
12
آدم جواب ڏنو تہ ”جيڪا عورت تو مون سان گڏ رهائي آهي، تنهن مون کي اهو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.“
13
خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“
14
پوءِ خداوند خدا نانگ کي چيو تہ ”انهيءَ ڪم جي ڪري تون ئي هڪڙو سڀني جانورن ۾ لعنتي آهين. تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين.
15
آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“
16
خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“
17
خدا مرد کي چيو تہ ”تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي اهو ميوو کاڌو، جنهن جي نہ کائڻ لاءِ مون تو کي چيو هو. جيڪي ڪجھہ تو ڪيو آهي انهيءَ سببان زمين لعنت هيٺ رهندي. تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين.
18
انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اڀرندا ۽ تون انهن منجھان ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين.
19
تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“
20
آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سڀني انسانن جي ماءُ آهي.
21
خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ جانورن جي کل جا ڪپڙا ٺهرائي کين پهرايا.
22
پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”هاڻ انسان تہ اسان وانگر ٿي پيو آهي ۽ کيس نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ بہ آهي. سو ائين نہ ٿئي تہ هو زندگيءَ جي وڻ مان ميوو ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.“
23
تنهنڪري خداوند خدا کيس عدن جي باغ مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن زمين مان هو ٺهيو آهي تنهن تي پوک ڪري.
24
پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50