bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 7
Genesis 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 8 →
1
خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين.
2
سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج.
3
هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي.
4
ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“
5
سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
6
جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي.
7
نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا.
8
هر قسم جي پاڪ ۽ ناپاڪ جانورن، پکين ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان جوڙو جوڙو
9
نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو.
10
ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي.
11
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.
12
چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.
13
انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا.
14
انهن سان گڏ هر قسم جا جانور، ڍور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ هر قسم جا پکي ٻيڙي ۾ چڙهيا.
15
سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو يعني نرماد نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا،
16
جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
17
چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو.
18
پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو.
19
پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا.
20
پاڻي انهن کان بہ ست ميٽر مٿي هو.
21
جيڪي بہ ساهوارا ڌرتيءَ تي گھميا پئي، جهڙوڪ پکي، حيوان، جھنگلي جانور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ انسان، سي سڀ مري ويا.
22
جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا.
23
جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا.
24
اهو پاڻي ڏيڍ سؤ ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي بيٺو هو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50