bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 27
Genesis 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 28 →
1
هاڻ اسحاق پوڙهو ٿي ويو هو ۽ اکين مان نظر بہ ڪونہ ٿي پيس. تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائينس تہ ”پٽ!“ هن وراڻيس تہ ”جيءُ.“
2
اسحاق چيس تہ ”تون ڏسين ٿو تہ آءٌ ٻڍو ٿي ويو آهيان ۽ گھڻو وقت جيئرو ڪونہ رهندس.
3
سو پنهنجو تيرڪمان کڻي جھنگ ڏانهن وڃ ۽ منهنجي لاءِ شڪار ڪري اچ.
4
پوءِ منهنجي لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر، جهڙو مون کي وڻندو آهي. اهو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ دل سان تو کي دعا ڏيان.“
5
جڏهن اسحاق پنهنجي پٽ عيسوءَ سان ڳالهايو پئي، تڏهن ربقہ ٻڌو پئي. سو جڏهن عيسو شڪار ڪرڻ لاءِ جھنگ ڏانهن ويو،
6
تڏهن ربقہ پنهنجي پٽ يعقوب کي چيو تہ ”مون تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ سان هيءَ ڳالهہ چوندي ٻڌو آهي تہ
7
’منهنجي لاءِ شڪار آڻ ۽ مون لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر تہ اهو آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ خداوند جي حضور ۾ آءٌ دل سان تو کي دعا ڏيان.‘
8
تنهنڪري پٽ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هاڻ جيئن آءٌ تو کي چوان تيئن ڪر.
9
هينئر ئي ڌڻ ۾ وڃ ۽ ان منجھان مون کي ٻہ سٺا ڇيلا آڻي ڏي تہ انهن مان آءٌ تنهنجي پيءُ لاءِ اهڙو لذيذ کاڌو تيار ڪريان جهڙو کيس وڻندو آهي.
10
پوءِ تون اهو وٽس کڻي وڃ تہ هو کائي ۽ مرڻ کان اڳ ۾ تو کي دعا ڏئي.“
11
پر يعقوب پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”توهان کي تہ خبر آهي تہ منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي بدن تي وار آهن ۽ منهنجو بدن لسو آهي.
12
شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ڏسي ۽ خبر پئجي وڃيس تہ آءٌ ساڻس ٺڳي ٿو ڪريان، تہ پوءِ اهڙيءَ طرح آءٌ دعا جي عيوض پاڻ تي بددعا آڻيندس.“
13
ماڻس ورندي ڏنس تہ ”پٽ، تو تي پوڻ واري بددعا ڀلي مون تي پوي. تون رڳو منهنجي ڳالهہ مڃ ۽ وڃي ڇيلا مون کي آڻي ڏي.“
14
پوءِ يعقوب ويو ۽ اهي آڻي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏنائين. سندس ماءُ اهڙو ئي کاڌو پچايو جهڙو پڻس کي وڻندو هو.
15
پوءِ ربقہ پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ جا عمدا ڪپڙا جيڪي وٽس گھر ۾ رکيل هئا سي پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي پارايا.
16
هن سندس ٻانهن ۽ ڪنڌ جي لسي هنڌ کي ڇيلن جي کلن سان ڍڪي ڇڏيو.
17
پوءِ اهو لذيذ کاڌو ۽ ماني جيڪا هن پچائي هئي سا يعقوب جي هٿ ۾ ڏنائين.
18
سو يعقوب پنهنجي پيءُ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”بابا!“ اسحاق جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ، تون ڪهڙو آهين؟“
19
يعقوب وراڻيو تہ ”آءٌ توهان جو وڏو پٽ عيسو آهيان. جيئن توهان مون کي چيو هو تيئن مون ڪيو آهي. مهرباني ڪري اُٿي ويهو ۽ مون جيڪو شڪار آندو آهي تنهن مان ڪجھہ کائو تہ جيئن مون کي دل سان دعا ڏيو.“
20
اسحاق يعقوب کان پڇيو تہ ”پٽ! اهو تو کي ايترو جلدي ڪيئن هٿ آيو؟“ يعقوب وراڻيو تہ ” خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن منهنجي مدد ڪئي.“
21
پوءِ اسحاق يعقوب کي چيو تہ ”پٽ! ويجھو اچ تہ آءٌ تو کي هٿ لائي ڏسان تہ تون برابر عيسو آهين يا نہ؟“
22
تڏهن يعقوب پنهنجي پيءُ جي ويجھو ويو. هن کيس هٿ لائي چيو تہ ”آواز تہ يعقوب جهڙو آهي پر هٿ عيسوءَ جهڙا آهن.“
23
هو يعقوب کي سڃاڻي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسوءَ جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا. سو هن طرح اسحاق يعقوب کي دعا ڏني.
24
هن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ عيسو آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”ها.“
25
تڏهن اسحاق چيس تہ ”کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کاوان ۽ پوءِ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ سو يعقوب اهو کيس ويجھو آڻي ڏنو، جيڪو هن کاڌو. هن پيئڻ لاءِ ڪجھہ مئي بہ آڻي ڏنس، جيڪا هن پيتي.
26
پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ ”پٽ! ويجھو اچي مون کي چمي ڏي.“
27
يعقوب ويجھو اچي چمي ڏنس. تڏهن اسحاق کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي. سو کيس دعا ڏيئي چيائين تہ ”منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.
28
شل خدا تو کي آسمان جي ماڪ، زمين جي زرخيزي، جھجھو اناج ۽ مئي ڏئي.
29
شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“
30
اسحاق يعقوب کي دعا ڏيئي بس ڪئي ۽ جيئن ئي يعقوب ٻاهر نڪري ويو، تہ عيسو شڪار تان موٽي آيو.
31
هو بہ ڪجھہ لذيذ کاڌو تيار ڪري پنهنجي پيءُ وٽ کڻي آيو. پيءُ کي چيائين تہ ”ابا! اُٿي ويهو ۽ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کائو، تہ جيئن دل سان مون کي دعا ڏيو.“
32
سندس پيءُ اسحاق پڇيس تہ ”تون ڪير آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ توهان جو وڏو پٽ عيسو آهيان.“
33
اسحاق کي ڏڪڻي وٺي ويئي. هو چوڻ لڳو تہ ”پوءِ اهو ڪير هو جيڪو شڪار ڪري مون وٽ کڻي آيو ۽ تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ اهو کائي کيس دعا ڏنم. هاڻي انهيءَ تي ئي هميشہ برڪت رهندي.“
34
جڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ جا اهي لفظ ٻڌا تڏهن زاروزار روئڻ لڳو ۽ پيءُ کي چيائين تہ ”بابا! مون کي بہ دعا ڏيو.“
35
اسحاق وراڻيو تہ ”تنهنجي ڀاءُ اچي مون سان ٺڳي ڪئي ۽ تو واري دعا وٺي ويو.“
36
تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”ڇا هن جو نالو يعقوب ٺيڪ نہ رکيو ويو آهي؟ هن ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي. هن منهنجي پهريتي هئڻ جو حق ورتو ۽ هاڻ هو منهنجي دعا بہ وٺي ويو آهي.“ پوءِ چيائين تہ ”ڇا توهان منهنجي لاءِ ڪا دعا بچائي نہ رکي آهي؟“
37
اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ مقرر ڪيو آهي ۽ سندس سمورا ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم. هن کي اناج ۽ مئي بہ ڏني اٿم. هاڻي پٽ، آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟“
38
عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي ليلائيندي چيو تہ ”بابا! توهان وٽ ڏيڻ لاءِ رڳو هڪڙي ئي دعا هئي ڇا؟ مون کي بہ دعا ڏيو بابا!“ ائين هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
39
پوءِ سندس پيءُ اسحاق کيس چيو تہ ”زمين جي زرخيزي ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ کان پري تنهنجي رهڻ جي جاءِ هوندي.
40
تون پنهنجي تلوار جي زور تي گذران ڪندين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين. پر جڏهن تنهنجي بيچيني وڌي ويندي تڏهن تون هن جي وس کان نڪري ويندين.“
41
پوءِ عيسو يعقوب کان نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ هن کي دعا ڏني هئي. هن دل ۾ سوچيو تہ ”منهنجي پيءُ جي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، تنهن کان پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.“
42
جڏهن ربقہ کي وڏي پٽ عيسوءَ جي رٿ جي خبر پيئي تڏهن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گھرايائين ۽ چيائينس تہ ”ڳالهہ ٻڌ، تنهنجو ڀاءُ عيسو تو کي قتل ڪري پنهنجي دل ٺارڻ گھري ٿو.
43
سو هاڻي پٽ، جيئن آءٌ تو کي چوان تيئن ڪر. هڪدم حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ.
44
ڪجھہ وقت انهيءَ وٽ وڃي رهہ، جيستائين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي.
45
جڏهن تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي ويندي ۽ تو جيڪي ڪجھہ ساڻس ڪيو آهي سو وسري ويندس، تہ پوءِ آءٌ تو کي اتان گھرائي وٺنديس. آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان؟“
46
ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50