bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 33
Genesis 33
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 34 →
1
يعقوب اکيون کڻي نهاريو تہ ڏٺائين تہ عيسو چار سؤ جوانن سان اچي رهيو هو. تڏهن هن لياہ، راخل ۽ ٻنهي سريتن کي ٻار ورهائي ڏنا.
2
سريتن ۽ سندن ٻارن کي سڀني کان اڳ ۾ ڪيائين، تن جي پٺيان لياہ ۽ سندس ٻارن کي ۽ سڀني کان آخر ۾ راخل ۽ يوسف کي ڪيائين.
3
هو پاڻ انهن جي اڳيان ٿي هليو. جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پهتو تہ ست ڀيرا جھڪي سلام ڪيائين.
4
تڏهن عيسوءَ کيس گڏجڻ لاءِ وٺي ڊڪ پاتي. کيس ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي چميائينس ۽ ٻيئي ڄڻا روئي ويٺا.
5
پوءِ جڏهن عيسوءَ اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ عورتن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن يعقوب کان پڇيائين تہ ”هي تو سان ڪير آهن؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”هي اهي ٻار آهن جيڪي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي خادم کي ڏنا آهن.“
6
تڏهن سريتن ۽ سندن ٻارن ويجھو اچي جھڪي سلام ڪيو.
7
تنهن کان پوءِ لياہ ۽ سندس ٻارن ويجھو اچي پڻ جھڪي سلام ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ راخل ۽ يوسف ويجھا ٿيا ۽ جھڪي سلام ڪيائون.
8
پوءِ عيسوءَ پڇيو تہ ”هي سڄو ٽولو جيڪو مون کي اچي گڏيو آهي تنهن مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”انهيءَ لاءِ تہ تو آقا جي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.“
9
تڏهن عيسوءَ چيس تہ ”منهنجا ڀاءُ! مون وٽ گھڻو ئي ڪجھہ آهي. تنهنڪري جيڪي تنهنجو آهي سو تون پاڻ وٽ ئي رک.“
10
پر يعقوب وراڻيو تہ ”نہ، هاڻي جيڪڏهن توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي تہ ڀلائي ڪري منهنجي سوکڙي قبول ڪريو، ڇو تہ منهنجي لاءِ توهان جو منهن ڏسڻ خدا جي منهن ڏسڻ وانگر آهي جو توهان مون تي اهڙا راضي ٿيا آهيو.
11
مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.
12
پوءِ عيسوءَ چيو تہ ”اچو تہ پنڌ پئون، آءٌ اوهان سان گڏجي ٿو هلان.“
13
پر يعقوب کيس چيو تہ ”سائينءَ جن کي خبر آهي تہ هي ٻار نازڪ آهن ۽ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي منهنجي سنڀال ۾ آهن سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گھڻو ڪاهبو تہ سمورو چوپايو مال مري ويندو.
14
تنهنڪري سائينءَ جن کي منهنجو عرض آهي تہ پنهنجي خادم کان اڳي هلو. آءٌ، هي ڍور جيڪي اڳيان پيا وڃن تن جي ٽور ۽ ٻارن جي ٽور آهر آهستي آهستي هلندو ادوم جي علائقي ۾ پنهنجي آقا وٽ اچي پهچندس.“
15
تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان.“ پر يعقوب چيس تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ منهنجي لاءِ رڳو منهنجي آقا جي مهربانيءَ جي نظر ئي ڪافي آهي.“
16
پوءِ عيسو انهيءَ ڏينهن ادوم جي علائقي ڏانهن موٽي ويو.
17
پر يعقوب سفر ڪندو هڪ جاءِ تي اچي پهتو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪ گھر ٺاهيو ۽ پنهنجي ڍورن لاءِ ڇنو ٻڌائين. تنهنڪري انهيءَ جاءِ جو نالو سُڪات پئجي ويو.
18
پوءِ يعقوب فدانارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.
19
جنهن زمين جي ٽڪري تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم نالي هڪ شخص جي پيءُ حمور جي خاندان کان چانديءَ جي سؤ سڪن عيوض خريد ڪيائين.
20
هن اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50