bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 37
Genesis 37
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 38 →
1
يعقوب ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو جتي سندس پيءُ پرديسي ٿي گذاريو هو.
2
يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي. يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.
3
يعقوب پنهنجي ٻين سڀني پٽن کان وڌيڪ يوسف سان پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو پوڙهپ ۾ ڄائو هئس. هن کيس هڪڙو خاص رنگارنگي ڪڙتو بہ ٺهرائي ڏنو هو.
4
جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا.
5
هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا.
6
هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو.
7
اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“
8
تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا.
9
پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“
10
جڏهن هن اهو خواب پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ٻڌايو تڏهن پڻس ڇينڀ ڏيئي چيس تہ ”هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ ڇا واقعي آءٌ، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر اچي تنهنجي اڳيان جھڪنداسين؟“
11
سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.
12
هڪ ڏينهن جڏهن سندس ڀائر پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ لاءِ سڪم ڏانهن ويا،
13
تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“
14
تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو
15
تہ هڪڙي ماڻهوءَ کيس جھنگ ۾ رلندي ڏٺو، سو هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڳولين؟“
16
يوسف وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن کي ٿو ڳوليان. جيڪڏهن خبر هجيئي تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجا ڌڻ ڪٿي ٿا چارين؟“
17
تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”اهي هتان هليا ويا آهن. مون کين ائين چوندي ٻڌو هو تہ ’هلو تہ دوتان ڏانهن هلون.‘“ پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتان ۾ وڃي کين لڌائين.
18
هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
19
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اِجھو، اچيوَ ٿو خوابن لهڻ وارؤ!
20
سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“
21
جڏهن روبن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوسف کي هنن جي هٿان بچائڻ خاطر کين چيائين تہ ”اسين هن کي قتل نہ ڪريون.
22
اسين سندس رت نہ وهايون، پر هتي هن رڻپٽ ۾ جيڪو کوهہ آهي تنهن ۾ کڻي اڇلايونس. کيس وڌيڪ هٿ نہ لايون.“ روبن چاهيو ٿي تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي واپس سندس پيءُ وٽ پهچائي.
23
سو جڏهن يوسف پنهنجي ڀائرن وٽ پهتو تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪڙتو پاتل هئس سو هنن لاهي ورتس.
24
پوءِ انهن کيس کوهہ ۾ کڻي اڇلايو. اهو کوهہ بلڪل سڪل هو.
25
پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا.
26
تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري ڇڏيون ۽ سندس خون لڪائي ڇڏيون تہ انهيءَ مان اسان کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟
27
اچو تہ هن کي اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻ وڌيڪ هٿ نہ لايونس. آخرڪار هو اسان جو ڀاءُ آهي، اسان جو هڏ رت آهي.“ يهوداہ جي ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.
28
پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.
29
جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.
30
هو پنهنجي ڀائرن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“
31
تڏهن هنن يوسف جو ڪڙتو کنيو ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي سندس رت ۾ اهو ڪڙتو ٻوڙيائون.
32
پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪڙتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو ۽ چيائونس تہ ”اسان هي لڌو آهي. جاچي ڏس تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪڙتو تہ ڪونهي؟“
33
يعقوب اهو ڪڙتو سڃاتو ۽ چيائين تہ ”هي تہ منهنجي پٽ جو ڪڙتو آهي. ڪو جھنگلي جانور کائي ويو اٿس. يوسف پڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي.“
34
پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو.
35
سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.
36
انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو.
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50