bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 38
Genesis 38
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 39 →
1
انهن ڏينهن ۾ يهوداہ پنهنجي ڀائرن کي ڇڏي حيرہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي رهڻ لڳو، جيڪو عدُولام شهر ۾ رهندو هو.
2
اتي هن سوع نالي هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي. يهوداہ انهيءَ سان شادي ڪئي.
3
هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس. يهوداہ انهيءَ جو نالو عير رکيو.
4
هوءَ وري پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس، جنهن جو نالو اونان رکيائين.
5
هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو شيلاہ رکيائين. جڏهن اهو پٽ ڄايس تڏهن هوءَ ڪزيب ۾ رهندي هئي.
6
يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير کي زال پرڻائي جنهن جو نالو تمر هو.
7
پر عير جا افعال خداوند جي نظر ۾ بد هئا. تنهنڪري خداوند هن کي ماري ڇڏيو.
8
تڏهن يهوداہ پنهنجي پٽ اونان کي چيو تہ ”پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ڏير جو فرض ادا ڪر تہ جيئن تنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري رهي.“
9
اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.
10
هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو.
11
تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رنزال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.
12
ڪجھہ عرصي کان پوءِ يهوداہ جي زال، جيڪا سوع جي ڌيءَ هئي سا مري ويئي. پوءِ جڏهن يهوداہ جو غم لٿو تڏهن هو پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان گڏجي تِمناہ شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ وارن وٽ ويو.
13
ڪنهن ماڻهوءَ تمر کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو سهرو تِمناہ ڏانهن پنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي.“
14
تمر سوچيو پئي تہ ”جيتوڻيڪ منهنجو ڏير شيلاہ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن هوندي بہ منهنجي شادي هن سان نہ ڪرائي ويئي آهي.“ سو هن پنهنجا رننزالن وارا ڪپڙا لاٿا ۽ چادر سان پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم ڳوٺ جي دروازي وٽ اچي ويٺي جيڪو تِمناہ شهر جي رستي تي هو.
15
پوءِ جڏهن يهوداہ هن جو منهن ڍڪيل ڏٺو تڏهن سمجھيائين تہ ”هيءَ ڪا بازاري عورت آهي.“
16
جيئن تہ يهوداہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڪا سندس نُنهن آهي، سو هو واٽ تان ڦري وٽس ويو ۽ چيائينس تہ ”اچ مون سان گھڙي پلڪ گذار.“ تمر چيس تہ ”تون مون کي ڇا ڏيندين؟“
17
يهوداہ جواب ڏنس تہ ”آءٌ پنهنجي ڌڻ مان هڪڙو ڇيلو تو ڏانهن موڪليندس.“ هن چيس تہ ”جيستائين تون اهو موڪلين تيستائين ڪا شيءِ گروي رکي وڃ.“
18
يهوداہ چيس تہ ”ڪهڙي شيءِ گروي رکان؟“ انهيءَ وراڻيو تہ ”پنهنجي منڊي، ان جي ڏوري ۽ لٺ جيڪا هٿ ۾ اٿيئي.“ تنهن تي هن اهي شيون انهيءَ کي ڏنيون ۽ وڃي ساڻس ستو. تڏهن هوءَ منجھانئس پيٽ سان ٿي.
19
پوءِ هوءَ اتان اُٿي گھر هلي ويئي ۽ چادر لاهي پنهنجا رننزالن وارا ڪپڙا پائي ڇڏيائين.
20
بعد ۾ يهوداہ انهيءَ عورت وٽان گروي رکيل شيون موٽائي اچڻ لاءِ پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان ڇيلو ڏياري موڪليو. پر هو انهيءَ کي لهي نہ سگھيو.
21
تڏهن اتي جي رهاڪن کان پڇا ڪيائين تہ ”جيڪا ڪسبياڻي رستي جي ڀرسان عينيم وٽ ويهندي هئي سا ڪٿي آهي؟“ هنن چيو تہ ”هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانهي.“
22
سو هو موٽي يهوداہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مون کان تہ اُها ڪانہ لڌي، بلڪ اتي جي ماڻهن چيو تہ ’هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانهي.‘“
23
تڏهن يهوداہ چيو تہ ”اهي شيون ڀلي هوءَ پاڻ وٽ رکي، نہ تہ اسين متان کلڻهاب ٿي پئون. بهرحال مون تہ تو سان هن ڏانهن ڇيلو ڏياري موڪليو هو پر تون کيس لهي نہ سگھئين.“
24
اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“
25
جڏهن کيس ٻاهر آندو ٿي ويو تڏهن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن تنهن مان آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان.“ وڌيڪ چيائين تہ ”مهرباني ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جي آهي.“
26
يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.
27
جڏهن انهيءَ جي ويم جي مهل ٿي تہ خبر پيئي تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن.
28
ويم مهل جڏهن هڪڙي ٻار جو هٿ ٻاهر نڪتو تہ دائيءَ هن جي ويڻيءَ ۾ لال ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌي ڇڏيو ۽ چيائين تہ ”هي پهريائين ٻاهر نڪتو آهي.“
29
پر هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، ايتري ۾ سندس ڀاءُ نڪري آيو. تنهن تي دائيءَ چيو تہ ”تون ڪٿان ڦٽي نڪتين!“ انهيءَ ڪري سندس نالو فارص رکيو ويو.
30
تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄائو جنهن جي ويڻيءَ ۾ لال ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌل هو ۽ انهيءَ جو نالو زارح رکيائون.
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50