bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 46
Genesis 46
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 47 →
1
پوءِ يعقوب پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي اُٿي روانو ٿيو. جڏهن هو بيرسبع ۾ آيو تڏهن پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون پيش ڪيائين.
2
تڏهن خدا يعقوب سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو. هن کيس چيو تہ ” يعقوب! اي يعقوب!“ هن جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“
3
تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.
4
آءٌ تو سان گڏ مصر هلندس ۽ آءٌ ئي وري تو کي موٽائي آڻيندس ۽ يوسف پنهنجي هٿن سان تنهنجيون اکيون بند ڪندو.“
5
پوءِ يعقوب بيرسبع مان روانو ٿيو. سو يعقوب جي پٽن پنهنجي پيءُ، پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجين زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو جيڪي فرعون يعقوب کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليون هيون.
6
هنن پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سمورو سامان جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کڻي مصر ۾ آيا. يعقوب سان پنهنجو سمورو اولاد گڏ هو.
7
هو پنهنجي ڌيءَ، پٽن، پوٽن ۽ پوٽين، مطلب تہ پنهنجي سڄي اولاد کي پاڻ سان گڏ مصر ۾ وٺي آيو.
8
اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ جيڪي ساڻس گڏ مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن. سندس وڏو پٽ روبن هو
9
جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.
10
سندس ٻيو پٽ شمعون هو جنهن جا پٽ هي هئا: يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صُحر ۽ شاؤل جيڪو هڪڙي ڪنعاني عورت مان پيدا ٿيو هئس.
11
سندس ٽيون پٽ لاوي هو جنهن جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.
12
سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.
13
سندس پنجون پٽ اِسڪار هو جنهن جا پٽ هي هئا: تولع، فووہ، يسوب ۽ شمرون.
14
سندس ڇهون پٽ زبولون هو جنهن جا پٽ هي هئا: سرد، اَيلون ۽ يحليل.
15
اهي سڀيئي لياہ جو اولاد آهن جيڪي کيس فدانارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا. اهي جملي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.
16
يعقوب کي لياہ جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ جد هو جنهن جا پٽ هي هئا: صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي.
17
سندس ٻيو پٽ آشر هو جنهن جا پٽ هي هئا: يمنہ، اِشواہ، اِشوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ. بريعاہ جا پٽ حبر ۽ ملڪيايل هئا.
18
اهي سڀيئي زِلفاہ جو اولاد آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي سورهن ڄڻا هئا.
19
يعقوب کي سندس زال راخل مان يوسف ۽ بنيامين نالي پٽ هئا.
20
مصر جي ملڪ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان منسي ۽ افرائيم ڄاوا.
21
بنيامين جو اولاد هي هو: بلع، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روش، مفيم، حُفيم ۽ آرد.
22
اهي جملي چوڏهن ڄڻا راخل مان يعقوب جو اولاد هئا.
23
يعقوب کي راخل جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ دان هو جنهن جو پٽ حُشام هو.
24
سندس ٻيو پٽ نفتالي هو جنهن جا پٽ هي هئا: يحصيايل، جُوني، يصر ۽ شليم.
25
اهي پٽ بلهاہ مان آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي ست ڄڻا هئا.
26
يعقوب جي نُنهُن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي جملي ڇاهٺ ڄڻا هئا.
27
يوسف کي ٻہ پٽ مصر ۾ ڄاوا هئا. اهڙيءَ طرح يعقوب جي ڪٽنب جا سڀيئي ماڻهو جيڪي مصر ۾ آيا سي ستر ڄڻا هئا.
28
يعقوب پاڻ کان اڳي يهوداہ کي يوسف ڏانهن موڪليو تہ جشن جو رستو معلوم ڪري اچي. پوءِ جڏهن اهي جشن جي علائقي ۾ اچي پهتا،
29
تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو.
30
تڏهن يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون تو کي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي منهنجو موت اچي تہ ڀلي اچي.“
31
پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي باقي خاندان کي چيو تہ ”آءٌ وڃي ٿو فرعون بادشاهہ کي ٻڌايان تہ ’منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جيڪي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندا هئا سي مون وٽ اچي ويا آهن.
32
اهي ماڻهو ڌنار آهن ۽ مال چاريندا آهن. انهن پنهنجا ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو سو آندو آهي.‘
33
جڏهن فرعون اوهان کي سڏائي ۽ پڇي تہ ’اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟‘
34
تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 47 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50