bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 34
Genesis 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 35 →
1
لياہ جي ڌيءَ ديناہ، جيڪا يعقوب مان ڄائي هئس سا هڪڙي ڏينهن انهيءَ علائقي جي ڇوڪرين سان ملڻ لاءِ نڪتي.
2
جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.
3
هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.
4
پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ ”انهيءَ ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪراءِ.“
5
جڏهن يعقوب ٻڌو تہ سڪم سندس ڌيءَ جي آبرو لُٽي ويئي آهي، تڏهن سندس پٽ جھنگ ۾ ڍورن سان ويل هئا. سو يعقوب انهن جي گھر اچڻ تائين ماٺ ڪري ويهي رهيو.
6
پوءِ سڪم جو پيءُ حمور يعقوب سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وٽس آيو.
7
جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.
8
پوءِ حمور يعقوب وارن سان ڳالهيون هلايون ۽ کين چيائين تہ ”منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو.
9
اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون ۽ پنهنجيون ڌيئر هڪٻئي کي ڏيون وٺون.
10
اوهين اسان سان گڏ رهو. هي سڄو علائقو اوهان جي اڳيان پيو آهي. منجھس وسو رسو، وڻج واپار ڪريو ۽ منجھس مال ملڪيت حاصل ڪريو.“
11
سڪم بہ ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ ڀائرن کي چيو تہ ”مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪريو، اوهين جيڪي مون کي چوندا سو آءٌ ڏيندس.
12
جيترو بہ مُلهہ ۽ سوکڙيون پاکڙيون اوهين گھرندا سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.“
13
تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي دغابازيءَ سان جواب ڏنو، ڇو تہ سڪم سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو لُٽي هئي.
14
هنن کين چيو تہ ”اسان کان اهو ڪم ٿي ڪونہ سگھندو جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻطهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، ڇو تہ انهيءَ سان اسان جي بدنامي ٿيندي.
15
پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ مڃينداسين تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان هر ڪو مرد پنهنجو طهر ڪرائي.
16
پوءِ اسين ڌيئرن جي ڏي وٺ ڪنداسين، اوهان جي علائقي ۾ رهنداسين ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي قوم ٿي پونداسين.
17
پر جيڪڏهن اوهين طهر واري اسان جي ڳالهہ نہ مڃيندا تہ پوءِ اسين پنهنجي ڀيڻ وٺي هليا وينداسين.“
18
هنن جون ڳالهيون حمور ۽ سندس پٽ سڪم کي وڻيون.
19
سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي، ڇو تہ يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئس. هو پنهنجي پيءُ جي گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.
20
پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي دروازي وٽ آيا ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي سمجھائڻ لڳا تہ
21
”هي ماڻهو تہ اسان سان صلح سان رهڻ گھرن ٿا. سو هنن کي هن علائقي ۾ رهڻ ۽ وڻج واپار ڪرڻ ڏيو، ڇو تہ هنن جي رهڻ لاءِ گھڻو ئي علائقو پيو آهي. اچو تہ ساڻن ڌيئرن جي ڏي وٺ بہ ڪريون.
22
اهي ماڻهو رڳو هن شرط تي اسان سان گڏ رهڻ ۽ هڪڙي قوم ٿيڻ لاءِ راضي آهن تہ اسان مان هر ڪو مرد طهر ڪرائي، جيئن هنن جو ٿيل آهي.
23
پوءِ ڀلا هنن جا ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ جانور سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ تنهنڪري اچو تہ اسين هنن جي ڳالهہ مڃون تہ جيئن هو اسان سان گڏجي رهن.“
24
سو جيڪي بہ ماڻهو سندن شهر جا هئا تن سڀني حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ سڀني پنهنجو طهر ڪرايو.
25
ٽئين ڏينهن تي جڏهن هو اڃا طهر جي سور ۾ ئي هئا تہ يعقوب جي پٽن مان ٻہ ڄڻا شمعون ۽ لاوي ديناہ جا ڀائر پنهنجيون تلوارون کڻي اوچتو شهر جي مٿان حملو ڪري آيا ۽ سمورا ڇوڪرا ۽ مرد ماري وڌائون.
26
انهن حمور ۽ سندس پٽ سڪم کي بہ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو ۽ سڪم جي گھر مان ديناہ کي وٺي هليا ويا.
27
انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ يعقوب جي پٽن لاشن ۽ شهر کي لٽيو، جتي سندن ڀيڻ جي عزت لُٽي ويئي هئي.
28
هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۽ ٻنيءَ ۾ هو سو سڀ ڦري کڻي ويا.
29
هو انهن جا سڀ ٻار ٻچا ۽ زالون پڪڙي انهن جي سموري دولت ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ گھرن ۾ هئن سو ڦري لُٽي کڻي ويا.
30
تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“
31
تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”ڇا ڀلا هن کي اسان جي ڀيڻ سان هڪ بازاري عورت جهڙي هلت ڪرڻ کپندي هئي؟“
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50