bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 14
Genesis 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 15 →
1
انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو چئن علائقن جي بادشاهن هر هڪ، شِنعار جي بادشاهہ امرافل، الاسار جي بادشاهہ اريوڪ، عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر ۽ گوئِم جي بادشاهہ تدعال،
2
پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي.
3
انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.
4
هو ٻارهن سالن تائين ڪدرلاعمر جي قبضي هيٺ رهيا، پر تيرهين سال انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪيائون.
5
چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتاراتقرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سويقريتيم شهر ۾
6
۽ حورين کي ادوم جي جابلو علائقي ۾ شڪست ڏيندا، ايلفاران تائين آيا جيڪو رڻپٽ جي ويجھو آهي.
7
پوءِ هو موٽي عينمِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصونتمر ۾ رهندا هئا.
8
پوءِ سدوم، عموراہ، ادمہ، ضبوئيم ۽ بالع يعني صغر شهرن جي بادشاهن سديم ماٿريءَ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون فوجون ڪڍيون.
9
انهن عيلام جي بادشاهہ، گوئِم جي بادشاهہ، شِنعار جي بادشاهہ ۽ الاسار جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. پنج بادشاهہ چئن سان وڙهيا.
10
سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا.
11
پوءِ اهي چار بادشاهہ سدوم ۽ عموراہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي خوراڪ جون سڀ شيون کڻي هليا ويا.
12
هو ابرام جي ڀائٽي لوط کي جيڪو سدوم ۾ رهندو هو، سندس مال ملڪيت سميت پڪڙي وٺي ويا.
13
پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہبلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو.
14
جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو.
15
اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.
16
جيڪو مالمتاع کڄي ويو هو سو هٿ ڪيائين. هو لوط کي پڻ سندس مالمتاع، عورتن ۽ ٻين پڪڙيل ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.
17
جڏهن ابرام ڪدرلاعمر ۽ ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيئي واپس موٽيو تہ سدوم جو بادشاهہ، شويہ جي ماٿريءَ تائين سندس استقبال لاءِ آيو، جنهن کي بادشاهي ماٿري بہ چئجي ٿو.
18
ملڪِصدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.
19
هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.
20
سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِصدق کي ڏنو.
21
تڏهن سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو توڙي منهنجو سڀ مال ملڪيت ڀلي تون پاڻ وٽ رک، پر منهنجا سمورا ماڻهو مون کي موٽائي ڏي.“
22
ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ
23
آءٌ تنهنجي ڪابہ شيءِ نہ رکندس، توڙي جو هڪڙو ڌاڳو يا جتيءَ جي ڪهي هجي، ڇو تہ متان تون ائين چوين تہ ’آءٌ ئي اهو واحد شخص آهيان، جنهن ابرام کي شاهوڪار ڪيو.‘
24
آءٌ پنهنجي لاءِ ڪجھہ بہ نہ وٺندس. آءٌ رڳو اهو حصو وٺندس جيڪو منهنجي ماڻهن ڪتب آندو، جيڪي مون سان گڏ هليا هئا. پر منهنجا اتحادي عانير، اِشڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.“
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50