bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 25
Genesis 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 26 →
1
ابراهيم هڪ ٻي زال پرڻيو جنهن جو نالو قطوراہ هو.
2
انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا.
3
يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون.
4
مديان جا پٽ عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ هئا. اهي سڀ قطوراہ جو اولاد هئا.
5
ابراهيم وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏيئي ڇڏيائين.
6
پر ٻين زالن جي پٽن کي بہ ابراهيم بخششون ڏنيون. پوءِ پنهنجي جيئري ئي انهن کي پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري اوڀر طرف واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
7
ابراهيم ڪل هڪ سؤ پنجهتر سال جيئرو رهيو،
8
تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.
9
سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس مڪفيلاہ جي غار ۾ دفن ڪيو جيڪا ممريءَ جي اوڀر ۾ صُحرحِتيءَ جي پٽ عِفرون جي ٻنيءَ ۾ آهي.
10
اِها اُها ٻني هئي جيڪا ابراهيم حِتي قوم کان خريد ڪئي هئي. سارہ ۽ ابراهيم ٻئي اتي ئي دفن ٿيل آهن.
11
ابراهيم جي وفات کان پوءِ، خدا سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني ۽ اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ وٽ رهڻ لڳو.
12
اسماعيل سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابراهيم مان ڄائو هو.
13
هن جو اولاد سندن ڄم جي لحاظ کان ترتيبوار هي آهي: نبايوت، قيدار، ادبئيل، مبسام،
14
مِشماع، دوماہ، مسا،
15
حدد، تيما، يطور، نفيس ۽ قدمہ.
16
اسماعيل جا اهي ٻارهن ئي پٽ پنهنجي پنهنجي قبيلن جا سردار ٿيا ۽ انهن جي ڳوٺن ۽ منزلگاهن تي انهن جا نالا رکيا ويا.
17
اسماعيل هڪ سؤ ستٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وڃي پنهنجن سان گڏيو.
18
اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.
19
ابراهيم جي پٽ اسحاق کي هن طرح اولاد ٿيو.
20
جڏهن اسحاق ربقہ سان شادي ڪئي تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي. ربقہ فدانارام شهر واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ ۽ لابن جي ڀيڻ هئي.
21
جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.
22
هن کي جاڙا ٻار ٿيڻ وارا هئا. ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي اهي ماءُ جي پيٽ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا. تڏهن هن چيو تہ ”جيڪڏهن مون سان ائين ٿيڻو هو تہ پوءِ مون کي پيٽ ڇو ٿيو؟“ سو هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.
23
خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“
24
جڏهن ربقہ جي ويم ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو تہ کيس ٻہ جاڙا پٽ ڄاوا.
25
جيڪو ٻار پهريائين ڄائو هو سو ڳاڙهي رنگ جو هو ۽ سندس سڄي جسم تي وار ئي وار هئا. تنهنڪري سندس نالو عيسو رکيو ويو.
26
ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
27
ڇوڪرا وڏا ٿيا. عيسو هوشيار شڪاري ۽ جھنگ جو جھانگي بڻيو، جڏهن تہ يعقوب ماٺ ميٺ ۾ ۽ گھريلو زندگي گذارڻ وارو هو.
28
اسحاق عيسوءَ کي وڌيڪ پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو عيسوءَ جو شڪار وارو گوشت کائيندو هو، پر ربقہ جو پيار وري يعقوب تي وڌيڪ هو.
29
هڪڙي ڏينهن يعقوب مُهريءَ جي دال رڌي رهيو هو تہ عيسو شڪار تان آيو. هو ساڻو ٿي پيو هو،
30
تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.
31
يعقوب ورندي ڏنس تہ ”پهريائين تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.“
32
عيسوءَ چيو تہ ”ٺيڪ آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان. پوءِ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟“
33
تڏهن يعقوب چيس تہ ”پهريائين مون سان قسم کڻ.“ عيسوءَ ساڻس قسم کنيو ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڏنائين.
34
پوءِ يعقوب کيس ماني ۽ مُهريءَ جي دال ڏني. هو کائي پي اٿيو ۽ هليو ويو. اهڙيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي خسيس ڄاتو.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50