bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 48
Genesis 48
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 49 →
1
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن اچي يوسف کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو پيءُ بيمار آهي.“ سو هو پنهنجا ٻيئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي يعقوب سان ملڻ ويو.
2
جڏهن يعقوب کي ٻڌايو ويو تہ ”توهان جو پٽ يوسف توهان وٽ اچي ٿو،“ تڏهن يعقوب همت ڪري هنڌ تي اُٿي ويٺو.
3
يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي.
4
مون کي چيو هئائين تہ ’آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس، ايترو جو تنهنجو اولاد گھڻيون ئي قومون ٿي پوندو. آءٌ تو کان پوءِ هيءَ زمين تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.‘“
5
يعقوب وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ افرائيم ۽ منسي جيڪي مصر جي ملڪ ۾ منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ تو کي ڄاوا، سي منهنجا آهن. اهي روبن ۽ شمعون وانگر منهنجا آهن.
6
پر هنن کان پوءِ جيڪي ٻار تو کي ڄمندا سي تنهنجا ٿيندا. اهي پنهنجي ڀائرن منسي ۽ افرائيم جي نالي واري ميراث ۾ شريڪ هوندا.
7
افرائيم ۽ منسي انهيءَ لاءِ منهنجا ٿيندا جو آءٌ جڏهن فدانارام مان آيس پئي ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هئس تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي وڌيڪ ڪنهن ٻار ڄڻڻ بنا مري ويئي. سو مون کيس اِفرات واري رستي تي دفن ڪيو.“ اِفرات کي بعد ۾ بيتلحم سڏيو ويو.
8
پوءِ يعقوب جڏهن يوسف جي پٽن کي ڏٺو تڏهن پڇيائينس تہ ”هي ڇوڪرا ڪير آهن؟“
9
يوسف ورندي ڏنس تہ ”هي منهنجا پٽ آهن، جيڪي خدا مون کي هتي مصر ۾ ڏنا آهن.“ يعقوب چيس تہ ”انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين خير جي دعا ڏيان.“
10
جيئن تہ يعقوب جي ديد سندس عمر جي ڪري گھٽجي ويئي هئي، سو هو چڱيءَ طرح ڏسي نہ ٿي سگھيو. تنهنڪري يوسف ڇوڪرن کي وٽس ويجھو وٺي آيو ۽ هن کين ڀاڪر پائي چميو.
11
پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون کي تہ تنهنجي بہ منهن ڏسڻ جي اميد ڪانہ هئي پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.“
12
تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.
13
پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي يعقوب جي کاٻي پاسي بيهاريو ۽ منسيءَ کي پنهنجي کاٻي هٿ سان وٺي يعقوب جي ساڄي پاسي آڻي بيهاريو.
14
پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.
15
هن يوسف کي خير جي دعا ڏيندي چيو تہ ”اهو خدا جنهن جي راهہ تي منهنجو پيءُ اسحاق ۽ منهنجو ڏاڏو ابراهيم هلندا رهيا آهن، اُهو خدا جنهن اڄ ڏينهن تائين عمر ڀر منهنجي نگهباني پئي ڪئي آهي،
16
سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“
17
جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن هو ناراض ٿيو. هن پنهنجي پيءُ جي هٿ کي ورتو، انهيءَ لاءِ تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي.
18
انهيءَ سان گڏ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ ”ائين نہ بابا! پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک ڇو تہ هي وڏو آهي.“
19
پر پڻس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو منهنجا پٽ! آءٌ ڄاڻان ٿو. منسيءَ بہ وڌي راڄ وارو ٿيندو، هي بہ سردار ٿيندو. تڏهن بہ سندس ننڍو ڀاءُ افرائيم کانئس وڌيڪ ٿيندو ۽ هن جي اولاد مان گھڻيون ئي قومون پيدا ٿينديون.“
20
سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.
21
پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا اوهان سان هوندو ۽ هو اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ موٽائي وٺي ويندو.
22
ٻيو تہ آءٌ تنهنجي ڀائرن کان تو کي هڪڙي واڌاري حصي طور زمين جي اُها پٽي ڏيان ٿو جيڪا مون جنگ وسيلي امورين کان کسي هئي.“
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 49 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50