bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 17
Genesis 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 18 →
1
جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.
2
آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“
3
تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس همڪلام ٿي چيو تہ
4
”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين.
5
اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابراهيم سڏبو، ڇو تہ آءٌ تو کي گھڻين ئي قومن جو پيءُ بڻايان ٿو.
6
آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا.
7
آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.
8
آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“
9
پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجو اولاد سڀني پيڙهين تائين منهنجي عهد کي مڃيندا رهجو.
10
جيڪو عهد منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ آهي، جنهن تي اوهين هميشہ قائم رهندا ايندا، تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ تون ۽ تنهنجي اولاد مان هر هڪ مرد پنهنجو طهر ڪرائي.
11
اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.
13
هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.
14
اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“
15
پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو سارہ آهي.
16
آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“
17
تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“
18
ابراهيم خدا کي چيو تہ ”جيڪر تہ اسماعيل ئي منهنجو وارث ٿئي.“
19
پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد ، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.
20
باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.
21
پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“
22
جڏهن خدا ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي تہ پوءِ وٽانئس مٿي هليو ويو.
23
پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.
24
جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي.
25
سندس پٽ اسماعيل تيرهن سالن جو هو.
26
سو انهن ٻنهي جو طهر هڪڙي ئي ڏينهن تي ٿيو.
27
سندس گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت گھر جي سڀني مردن جو طهر ساڻس گڏ ٿيو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50