bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 1
Isaiah 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 2 →
1
هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.
2
خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.
3
جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“
4
اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.
5
ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.
6
پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي.
7
اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.
8
رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.
9
جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.
10
اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو.
11
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.
12
اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بيحرمتي نہ ڪريو.
13
اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت ، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان.
14
اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان.
15
سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.
16
سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿيو.
17
اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رننزالن سان انصاف ڪريو.“
18
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.
19
جيڪڏهن اوهين دل وَ جان سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا، تہ پوءِ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اپت کائيندا.
20
پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
21
آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.
22
افسوس! اي يروشلم! ڪڏهن تہ تنهنجا رهاڪو چانديءَ جهڙا هئا، پر هاڻي اهي ڪين جهڙا ٿي پيا آهن. افسوس! ڪڏهن تہ اهي سٺي مئي جهڙا هئا، پر هاڻي اهي لذت وڃائي رڳو پاڻيءَ جهڙا ٿي پيا آهن.
23
تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رننزالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.
24
تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.
25
آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.
26
آءٌ اوهان جي مٿان اهڙا ئي حاڪم توڙي مشير مقرر ڪندس، جهڙا مون شروع ۾ مقرر ڪيا هئا. تڏهن يروشلم کي سچار ۽ وفادار شهر ڪري سڏيو ويندو.“
27
اي يروشلم شهر! تون تڏهن بچي ويندين، جڏهن تو ۾ انصاف پيدا ٿيندو. هائو، جڏهن تو ۾ رهندڙ ماڻهو گناهن کان باز ايندا، تڏهن اهي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري بچي ويندا.
28
پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.
29
اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہبلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.
30
بيشڪ اوهين ان شاهہبلوط وڻ وانگر ٿيندا، جنهن جا پن ڇڻي ويا هجن، اوهين انهيءَ باغ جيان ٿيندا، جيڪو پاڻي نہ ملڻ ڪري ويران ٿي ويو هجي.
31
اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66