bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 57
Isaiah 57
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 56
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 58 →
1
سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.
2
پر اهي نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ وارا مرڻ بعد سلامتي ۽ آرام ٿا حاصل ڪن.
3
خداوند بتپرستن کي فرمائي ٿو تہ ”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد، ۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو. هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ
4
اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو.
5
اوهين شاهہبلوط وڻن وٽ، بلڪ هر سائي وڻ هيٺ بتن جي پوڄا ڪندي زناڪاريءَ ۾ غرق ٿي ٿا وڃو، ۽ برساتي نهرن ۾ ٽڪرين جي پاڙن وٽ قربانيءَ طور پنهنجي ٻارن کي ڪهو ٿا.
6
اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو. هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني ۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟
7
اوچي ۽ مٿاهين جبل تي وڃي اوهين بتن آڏو قربانيون پيش ٿا ڪريو. اتي اوهين انهن جي نالي زناڪاري ڪرڻ لاءِ پڻ هنڌ وڇائي پئجي ٿا رهو.
8
اي منهنجي قوم! تو پنهنجي دروازن ۽ چوڪاٺين جي پٺيان گندا بت کوڙي ڇڏيا آهن. هائو، اي بيوفا زال! تو مون کي ڇڏي ٻين معبودن جي اڳيان پاڻ کي اگھاڙو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي. پوءِ جڏهن تو کي پنهنجي يارن کان پري ڪيو ويو، تڏهن بہ تون هنن جي بسترن تي اگھاڙي ٿي سمهڻ لاءِ مشتاق رهينءَ.
9
تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.
10
جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين. تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي، سو تون ڪڏهن بہ بيدل نہ ٿي ٿئين.
11
اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.
12
توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون، ۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان، تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.
13
مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“
14
خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تانتہ اها توبهہتائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.
15
آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
16
آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.
17
آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.
18
آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.
19
جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.
20
جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڇوليون هڻندڙ انهيءَ سمنڊ وانگر آهن، جيڪو هميشہ بيقرار ٿو رهي، ۽ جنهن جون ڇوليون گپ ۽ گندگي ٿيون اڇلائين.
21
انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 56
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 58 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
Recommended Reading
Commentary
Isaiah Commentaries
→
Devotional
Isaiah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→