bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 44
Isaiah 44
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 45 →
1
پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اوهين اي بني اسرائيل وارؤ! جن کي مون پنهنجي قوم ڪري چونڊيو آهي، سي ٻڌو.
2
آءٌ خداوند آهيان جنهن اوهان کي خلقيو آهي. اوهان جي ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي مون اوهان جي سنڀال پئي ڪئي آهي. سو اي بني اسرائيل! اوهين ڊڄو نہ، اوهين منهنجا ٻانها آهيو، منهنجي چونڊيل قوم، جنهن سان آءٌ پيار ٿو ڪريان.
3
جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.
4
سو اهي جھجھي پاڻيءَ واري زمين ۾ ڦٽندڙ گاهہ وانگر، ۽ وهندڙ نهرن جي ڪنارن تي ڦٽندڙ لئيءَ جي وڻن وانگر ٿيندا.
5
انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’ خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“
6
خداوند ، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.
7
جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي، هائو، اهو اعلان ڪري، ۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري. قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي، جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون، يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟
8
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“
9
جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بيفائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.
10
پنهنجي ئي هٿ سان مورتي ٺاهي ان کي خدا سمجھي پوڄا ڪرڻ وارو ڀلا ڪو سياڻو ماڻهو آهي ڇا؟
11
ياد رکو، اهي سڀيئي خوار خراب ٿيندا، جيڪي انهن جي پوڄا ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا جوڙيندڙ رڳو انسانذات آهن. ڀلي تہ اهي سڀ اچن ۽ گڏجي عدالت ۾ بيهن. بيشڪ اهي ڊڄي ويندا ۽ گڏجي خوار خراب ٿيندا.
12
لوهر لوهہ جو هڪڙو ٽڪرو کڻي ٿو ۽ انهيءَ کي ٽانڊن ۾ پگھرائي هٿوڙن سان هڪڙي شڪل ۾ ڍالي ٿو. هائو، هو انهيءَ کي پنهنجي طاقتور ٻانهن سان گھڙي تيار ڪري ٿو. ڪم ڪندي هو اڃ ۽ بک ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ ٿڪجي پوي ٿو ۽ منجھس طاقت باقي نہ ٿي رهي.
13
واڍو ڏور سان ڪاٺيءَ جي ماپ وٺي ٿو ۽ انهيءَ تي نشان ڪري ٿو. پوءِ انهيءَ ڪاٺيءَ کي رندو هڻي لسو ڪري ٿو، پرڪار سان انهيءَ تي نقش ڪڍي ٿو ۽ پوءِ انساني صورت موجب هڪڙي سهڻي شڪل بڻائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اها پوڄا گھر ۾ رکي وڃي.
14
هو ئي ديال جا وڻ پنهنجي استعمال لاءِ وڍي ٿو يا وري سِرو ۽ شاهہبلوط جا وڻ ٻيلي مان چونڊي کڻي ٿو. هو چاهي تہ پاڻ صنوبر جا وڻ لڳائي سگھي ٿو ۽ مينهن انهن کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، جڏهن تہ وڻ پاڻ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھي.
15
هاڻ ماڻهو وري انهيءَ ساڳي وڻ کي باهہ ۾ ٻارڻ واسطي ڪم آڻين ٿا، جن مان ڪجھہ ٻاري هو پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ ڪجھہ ٻاري انهن تي رڌپچاءُ ڪن ٿا. وري ڏسو تہ اهي ساڳي ئي وڻ جي ڪجھہ حصي مان هو بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪن ٿا! هائو، انهيءَ وڻ جي ڪاٺ کي اُڪري انهيءَ مان مورتيون ٺاهي انهن آڏو پنهنجو سر ٿا جھڪائين.
16
هائو، جنهن ڪاٺ کي هو پاڻ ساڙي ٻاري ان تي گوشت ڀُڃي ۽ ڪباب پچائي کائي ڍءُ ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي گرم ڪري چون ٿا تہ ”واہ واہ! آءٌ گرم ٿي ويو آهيان، باهہ ڪيتري تہ ڀلي آهي!“
17
هاڻ ساڳي ئي ڪاٺ جي باقي حصي مان هو پنهنجي لاءِ معبود يعني اُڪريل مورتيون ٺاهين ٿا ۽ انهن جي اڳيان جھڪي کين سجدو ڪن ٿا. پوءِ وري انهن جي پوڄا ڪري کانئن دعا گھري چون ٿا تہ ”مون کي ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجو خدا آهين.“
18
اهڙا ماڻهو بيوقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.
19
انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“
20
سو بتپرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بيوقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بيوقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.
21
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.
22
مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہتائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.
23
اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.
24
اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.
25
آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بيوقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بيوقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.
26
آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.
27
هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“
28
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 45 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66