bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 3
Isaiah 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 4 →
1
ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند ، يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان هر اها شيءِ يا هستي هٽائي ڇڏيندو، جنهن تي ماڻهو دارومدار رکن ٿا. هو هنن جي کاڌي ۽ پاڻيءَ سان گڏوگڏ
2
سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي ، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،
3
لشڪرن جا سالار، معزز، مشير، ماهر جادوگر، ۽ هوشيار ساحر کانئن دور ڪري ڇڏيندو.
4
اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.
5
هر ڪو هڪٻئي تي ظلم ڪندو. ٻار وڏي عمر وارن جي عزت نہ ڪندا، ۽ ڪميڻا ماڻهو شريفن سان گستاخي ڪندا.
6
حالات اهڙا تہ خراب هوندا جو ماڻهو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چونڊي کيس چوندا تہ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ پائڻ لاءِ تہ ڪجھہ هوندو، سو اچ ۽ اسان جو حاڪم ٿيءُ، ۽ هن اجڙيل ملڪ تي حڪمراني ڪر.“
7
پر اهو ماڻهو کين وراڻيندو تہ ”نہ، آءٌ اوهان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿو سگھان. اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ بڻايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي گھر ۾ بہ نہ کاڌو آهي ۽ نہ ڪپڙو.“
8
بيشڪ يروشلم جا حالات خراب ٿي ويا آهن، بلڪ سڄو يهوداہ سخت بدحاليءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اتي جي رهاڪن جو ڳالهائڻ، ۽ سندن چال چلت خداوند جي خلاف آهي. هائو، هنن عظمت واري خداوند کان بغاوت ڪئي آهي.
9
هنن جي بيانصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.
10
جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.
11
پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.
12
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهنجا رهبر ئي تو کي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجيون راهون بگاڙيو ٿا ڇڏين. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان تو تي ظلم ڪن ٿا، ۽ نادان عورتن جيان تو تي حڪمراني ٿا ڪن.“
13
خداوند مقدمو هلائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي. هائو، هو قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي.
14
خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.
15
آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“
16
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.
17
تنهنڪري آءٌ پروردگار يروشلم جي عورتن جا مٿا گنجا ڪري ڇڏيندس، هائو، آءٌ سندن وار ڪوڙي ڇڏيندس.“
18
بيشڪ اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن پروردگار يروشلم جي عورتن کان سينگار جي هر شيءِ کسي وٺندو، جنهن تي هو فخر ٿيون ڪن، يعني پازيبون، ٽِڪا ۽ هار،
19
پنڙا، ڪنگڻ ۽ روءِبند،
20
تاج، ٻانهن جا زيور، ڪمربند، عطردانيون ۽ تعويذ،
21
منڊيون ۽ نٿون،
22
عمديون پوشاڪون، پهراڻ، روا ۽ ٻٽون،
23
ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.
24
انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.
25
يروشلم جا ماڻهو تلوار سان ماريا ويندا، بيشڪ انهيءَ جا بهادر مرد بہ جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.
26
شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66