bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 23
Isaiah 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 24 →
1
هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي.
2
اي سمنڊ جي ڪناري واري شهر صيدا جا واپاريؤ! اوهين روئو رڙو. اوهين سوداگرن کي سمنڊ جي هُن پار موڪليندا هئا،
3
تہ جيئن اوهين سڀني قومن سان واپار ڪري سگھو. هنن ٻين قومن سان واپار ڪندي اوهان کي دولتمند بڻائي ڇڏيو آهي. اوهين سيحور مان اناج خريد ڪري اچي وڪرو ٿا ڪريو، جيڪو مصر ۾ پوکيو وڃي ٿو.
4
پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“
5
سو جڏهن مصر وارا انهيءَ شهر جي تباهيءَ بابت ٻڌندا، تڏهن کين اهڙو ئي ڏک ٿيندو، جهڙو کين صور جي برباديءَ تي ٿيو هو.
6
اي سمنڊ جي ڪناري وارن انهن شهرن جا رهاڪؤ! اوهين زاروزار روئندي ترسيس ڏانهن ڀڄي وڃو،
7
ڇاڪاڻ تہ اوهان جا خوشين ڀريا شهر، جيڪي قديم زمانن کان قائم هئا، سي هاڻي برباد ٿي ويا آهن. ڪڏهن تہ انهن جا رهاڪو لڏي وڃي پري پري وارن ملڪن ۾ شان سان رهندا هئا.
8
ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟
9
اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.
10
هاڻي اي ترسيس جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان گھمو ڦرو، جيئن نيل نديءَ جو پاڻي سڄي مصر ۾ وهندو ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تان صور وارن جي روڪ ٽوڪ ختم ٿي ويئي آهي.
11
خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.
12
خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“
13
بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.
14
اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو قلعي وارو شهر صور بہ اهڙيءَ طرح ئي برباد ڪيو ويو آهي.
15
انهيءَ ڏينهن کان وٺي صور شهر کي ستر سالن تائين وساريو ويندو، جيڪو ڪنهن بادشاهہ جي ڄمار جيترو وقت آهي. ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو حال هن گيت واري ڪڃريءَ جهڙو ٿيندو تہ
16
”اي ڪڃري! تون جيڪا وساري ويئي آهين، هاڻ تون هڪڙو دنبورو کڻي شهر ۾ گھم ڦر، خوب ڳاءِ ۽ وڄاءِ، تہ من ڪو تو کي وري ياد ڪري.“
17
جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا، تڏهن خداوند صور شهر جي سار سنڀار لهندو. ان وقت جيئن ڪا ڪڃري ٻيهر ساڳئي نموني پنهنجي ڪمائي ڪري، تيئن ئي صور شهر وري دنيا جي هر قوم سان پنهنجو واپار ڪندو.
18
پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تانتہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66