bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 2
Isaiah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 3 →
1
هي انهيءَ رويا جو بيان آهي، جيڪا يسعياہ ولد آموص يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ بابت ڏٺي هئي.
2
ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.
3
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
4
خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.
5
اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.
6
اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.
7
سندن ملڪ چانديءَ ۽ سون سان مالا مال آهي، ۽ خزانن ۾ ڪا کوٽي ڪين اٿن. سندن ملڪ گھوڙن سان ڀريل آهي، ۽ سندن جنگي گھوڙي گاڏين جو ڪو شمار ئي ڪونهي.
8
ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.
9
هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.
10
اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن اهي خداوند جي غضب، ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا. ان وقت انساني غرور کي ٽوڙيو ويندو، ۽ بني آدم جي وڏائيءَ کي برباد ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.
12
بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.
13
هو لبنان جي سڀني اوچن ديال جي وڻن، ۽ بسن جي سڀني بلند شاهہبلوط وڻن کي برباد ڪري ڇڏيندو.
14
هو سڀني اوچن جبلن، ۽ اوچين ٽڪرين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو.
15
هو هر اوچي مناري توڙي هر ڪوٽ کي ڪيرائي وجھندو.
16
هو ترسيس جي سڀني سامونڊي جهازن، توڙي سڀني سهڻين ٻيڙين کي ٻوڙي ڇڏيندو.
17
ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.
19
جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.
20
انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.
21
جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.
22
سو فاني انسان تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن انسان جو ساهہ ڪنهن بہ وقت نڪري سگھي ٿو، تنهن مان مدد جي ڪهڙي اميد رکي ٿي سگھجي؟
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66