bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 42
Isaiah 42
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 43 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.
2
هو نڪي رڙيون ڪندو ۽ نہ وري هل مچائيندو، ۽ نہ ئي وري هن جو آواز بازارن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.
3
هو ڦٿل ڪاني کي بہ نہ ڀڃندو، نڪي اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو، بلڪ هو سڀني کي ديانتداريءَ سان فوري انصاف مهيا ڪندو.
4
جيستائين هو ڌرتيءَ تي انصاف قائم نہ ڪندو، تيستائين نہ هو ٿڪبو، نڪي همت هاريندو. ڏورانهن ملڪن واريون قومون بہ سندس تعليم لاءِ پيون واجھائينديون.“
5
خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ
6
”مون خداوند تو کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ طاقت عطا ڪئي اٿم، تہ جيئن تون ڌرتيءَ تي انصاف قائم ڪرين. تنهنجي وسيلي آءٌ قومن سان عهد ٻڌندس، ۽ تنهنجي وسيلي آءٌ قومن کي روشني عطا ڪندس.
7
تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.
8
آءٌ ئي اڪيلو خداوند تنهنجو خدا آهيان. ڪوبہ ٻيو معبود منهنجي عظمت ۾ حصيدار نہ آهي، نڪي ڪا تراشيل مورتي منهنجي واکاڻ ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿي.
9
ڏسو، منهنجيون اڳ ۾ ٻڌايل ڳالهيون هاڻي اچي پوريون ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٻڌائيندس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.“
10
اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.
11
اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.
12
اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ خداوند جي عظمت جي واکاڻ ڪريو، ۽ سندس وڏائي بيان ڪريو.
13
خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.
14
انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ گھڻي وقت کان وٺي ماٺ ڪيو ويٺو هئس، مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو. پر هاڻ جيئن ڪنهن پيٽ واري عورت کي ويم جا سور شروع ٿين ۽ هوءَ رڙيون ڪندي، سهڪندي ۽ تڪڙا ساهہ کڻندي ٻار ڄڻي ٿي وجھي، تيئن ئي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس ۽ گھڻو ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.
15
آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن تي اڀريل گاهہ ۽ ٻوٽا سڀيئي سڪائي ڇڏيندس. آءٌ ندين توڙي ڍنڍن کي سڪائي بيابان بڻائي ڇڏيندس.
16
پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.
17
پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بيعزت ٿيندا.“
18
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم بني اسرائيل وارؤ! اي ٻوڙؤ! اوهين ٻڌو، اي انڌؤ! اوهين نظر ڪريو ۽ ڏسو.
19
اوهين منهنجا ٻانها ۽ منهنجا موڪليل قاصد آهيو، پر اوهان کان وڌيڪ ڪو انڌو يا ڪو ٻوڙو آهي ڇا؟ اوهين جيڪي مون خداوند جا عهد ڪيل ٻانها آهيو، تن جهڙو ڪو ٻيو انڌو نہ آهي.
20
اوهان جي نظر تہ گھڻين ئي شين تي پوي ٿي، پر اوهين انهن کي سمجھڻ نہ ٿا چاهيو. اوهان جا ڪن تہ بلڪل کُليل آهن، پر اوهين ڪنهن ڳالهہ تي ڌيان ڏيڻ نہ ٿا چاهيو.
21
جڏهن تہ آءٌ خداوند جنهن جي هر ڳالهہ سچي آهي، تنهن جو اهو ارادو هو تہ منهنجي قوم منهنجي ڏنل شريعت کي وڏو مان ڏئي.“
22
پر اوهين خداوند جي اهڙي قوم آهيو، جيڪا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي. اوهين سڀ زندانن ۾ ڦاٿل ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهيو. اوهان کي ڦريو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي ڇڏائي سگھي، هائو، اوهان کي لٽيو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي موٽائي ڏئي سگھي.
23
تہ بہ ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو آهي، جيڪو انهيءَ تي ڌيان ڏئي ۽ ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌي؟
24
ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.
25
تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 43 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66