bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 28
Isaiah 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 29 →
1
ويل آهي اسرائيل جي مئيخوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.
2
ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو.
3
اسرائيل وارن جي مدهوش حاڪمن جي مغروريءَ وارو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو.
4
سندن شهر جيڪو شاندار ۽ خوبصورت آهي، ۽ زرخيز ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اهڙي گل مثل آهي جيڪو جلد ڪومائجي ٿو وڃي. هائو، اهو موسم کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگر ٿيندو، جنهن تي ڪنهن جي نظر پوي تہ انهيءَ کي هٿ ۾ کڻندي ئي اهو ڳڙڪايو ڇڏي.
5
پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.
6
هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارن کي انصاف وارو روح عطا ڪندو، ۽ شهر جي دروازن تي حملي کان بچاءُ ڪندڙن کي طاقت عطا ڪندو.
7
ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.
8
انهن جا سڀ دسترخوان الٽيءَ ۽ گندگيءَ سان ڀريل آهن، ايتري قدر جو ڪابہ جاءِ صاف سٿري ڪانهي.
9
اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟
10
هائو، جيئن ننڍڙا ٻارڙا ’امان ابا، امان ابا،‘ چوندي ڳالهائڻ سکندا آهن، تيئن ئي هو اسان کي بيمقصد لفظن سان پيو سمجھائي.“
11
اي مئيخوارؤ! جيڪڏهن اوهين مون کي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو، تہ ياد رکو، خدا اوهان کي سبق سيکارڻ لاءِ ڌارين ماڻهن جي وسيلي سندن ٻوليءَ ۾ اوهان سان ڳالهائيندو، جيڪا اوهان لاءِ بلڪل عجيب هوندي.
12
هن تہ اوهان سان پوري امن وَ سلامتيءَ، ۽ آرام وَ سڪون جو واعدو ٿي ڪيو، پر اوهان سندس هڪ بہ نہ ٻڌي.
13
سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.
14
تنهنڪري اي ٽوڪبازؤ! جيڪي هتي يروشلم ۾ رهندي قوم تي حڪمراني ٿا ڪريو، سي خداوند جو هي فرمان ٻڌو.
15
جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہگاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.
16
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.
17
عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہگاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.
18
اوهان موت سان جيڪو ٺاهہ ڪيو آهي، سو رد ڪيو ويندو. ۽ پاتال سان اوهان جو عهد اقرار قائم نہ رهندو. تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تڏهن اوهين انهيءَ ۾ غرق ٿي ويندا.
19
جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.
20
ياد رکو، اوهان جو ڪيل عهد اقرار هن چوڻيءَ جيان اڻپورو ثابت ٿيندو تہ ”ڪو ماڻهو اهڙي ننڍڙي کٽولي تي ستل هجي، جنهن تي ٽنگون بہ ڊگھيون نہ ڪري سگھي، ۽ سوڙ اهڙي سوڙهي هجيس جو ان ۾ پاڻ کي ويڙهي بہ نہ سگھي.“
21
انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.
22
تنهنڪري هاڻي اوهين انهيءَ تنبيهہ تي ٽوڪبازي نہ ڪريو، متان اوهان کي قيد ٿيڻ وقت اڃا وڌيڪ مصيبت جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ سبب جو خداوند قادرِمطلق کان مون ٻڌو آهي تہ هُن سڄي ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.
23
اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو، هائو، ڌيان ڏيئي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
24
ڇا پوک ڪرڻ لاءِ هاري هميشہ هر ئي هلائيندا رهن ٿا؟ ڇا هو هر وقت رڳو زمين کي کيڙيندا، ۽ انهيءَ جا ڀتر ئي ڀڃندا رهن ٿا؟
25
نہ، بلڪ جڏهن هو زمين کي پوک لاءِ تيار ٿا ڪن، تڏهن هو ان ۾ جاڻ ۽ زيرو ٿا ڇٽين. هو اوڙون ڪڍي ڪڻڪ ۽ جَوَ ٿا ڇٽين، ۽ زمين جي ڪناري سان ٻاجھري ٿا پوکين.
26
هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.
27
سو هو جاڻ ۽ زيري جهڙين نازڪ شين کي ڳاهڻ وارن تيز اوزارن يا گاڏيءَ جي ڦيٿن سان نہ ٿا ڳاهين، بلڪ جاڻ لٺ سان ڇاڻين ٿا ۽ زيرو لڪڻ سان.
28
هو اناج کي حد کان وڌيڪ ڳاهي ناس نہ ٿا ڪن، بلڪ هو ڄاڻين ٿا تہ ڪيتري وقت تائين انهيءَ تي گاڏي يا ڍڳا ڦيرائجن، تانتہ اناج چٿجي نہ وڃي.
29
اها سموري ڏاهپ قادرِمطلق خداوند وٽان ئي ملي ٿي. بيشڪ انهيءَ جي مصلحت عجيب ۽ ڏاهپ عظيم آهي.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66