bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 65
Isaiah 65
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 64
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 66 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘
2
آءٌ پنهنجي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهيو آهيان. پر اهي فسادي آهن، ۽ پنهنجي خيالن جي پيروي ڪندي خراب رستي تي ٿا هلن.
3
اها هڪ اهڙي بيشرم قوم آهي، جيڪا هر وقت مون کي چڙ ڏياريندي ٿي رهي. اهي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ قربانيون ٿا پيش ڪن، ۽ بتن جي قربانگاهن تي لوبان ٿا ساڙين.
4
رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.
5
جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ ’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو، ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘ اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.
6
ڏسو، مون اڳ ۾ ئي سندن سزا جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن لاءِ فتويٰ مون لکي ڇڏي آهي. آءٌ سندن ڪيل ڪمن کان چشمپوشي نہ ڪندس، بلڪ کين انهن جو بدلو ڏيندس.
7
هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“
8
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي، بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس، بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.
9
منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا. هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا. آءٌ يهوداہ قبيلي وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي گھڻي اولاد سان نوازيندس. هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.
10
منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن، تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان، ۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي، جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا.
11
پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ
12
اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.
13
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.
14
ڏسو، منهنجا عبادتگذار ٻانها دل جي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واءِويلا مچائيندا.
15
آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.
16
پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“
17
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان. هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.
18
سو اي انسانؤ! اوهين خوش ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشيون ملهائيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ نئون يروشلم جيڪو آءٌ بڻايان ٿو، سو شادمانن سان ڀرپور هوندو، ۽ انهيءَ جا ماڻهو ٻين لاءِ بہ خوشين جو باعث بڻبا.
19
آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس. هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
20
اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.
21
منهنجي قوم جا ماڻهو گھر اڏيندا ۽ انهن ۾ پاڻ رهندا. اهي انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ انهن جو ميوو پاڻ کائيندا.
22
ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.
23
انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي. آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي برڪتون نازل ڪندو رهندس.
24
اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.
25
بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بيضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 64
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 66 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66