bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 5
Isaiah 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 6 →
1
ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.
2
هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.
3
تڏهن منهنجي محبوب چيو تہ ”ٻڌو، اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ۽ انگورن جي باغ جي وچ ۾ اوهين ئي فيصلو ڪريو.
4
آءٌ پنهنجي انگورن جي باغ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگھيس جيڪو مون نہ ڪيو؟ هاڻي جڏهن آءٌ عمدن انگورن جي انتظار ۾ هئس تہ باغ ۾ هي کٽا انگور ڇو پيدا ٿيا؟
5
ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.
6
آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“
7
اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.
8
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بيگھر ۽ بيدر ٿي رهن.
9
پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.
10
ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“
11
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي صبح جو سوير اُٿي نشيبازيءَ جي پٺيان ٿا لڳو، ۽ رات جو دير تائين ٿا جاڳو، جيستائين اوهان تي مئي جو نشو نہ ٿو چڙهي.
12
اوهين پنهنجي محفلن ۾ خوشيون ملهائيندي دنبورا، سارنگيون، دڦ ۽ بانسريون ٿا وڄايو، ۽ مئي جا جام پيئندا ٿا رهو. پر اوهين انهن ڪمن تي ڪو ڌيان نہ ٿا ڏيو، جيڪي خداوند ڪري ٿو.
13
تنهنڪري اڻڄاڻ بڻجڻ سبب اوهين جلاوطن ڪيا ويندا. اوهان جا امير بک ۾ پاهہ ٿيندا، ۽ عام ماڻهو اڃ ۾ پيا تڙپندا.
14
سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.
15
گھٽ درجي وارن ماڻهن کي اڃا بہ گھٽايو ويندو، جڏهن تہ وڏي مرتبي وارن کي بلڪل حقير ڪيو ويندو، ۽ مغرورن کي خوار خراب ڪيو ويندو.
16
بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.
17
تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.
18
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪوڙ ڳالهائي بدڪاري وڌائيندا ٿا وڃو. هائو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي قيمتي سامان کي مضبوط رسن سان ٻڌي هلي ٿو، تيئن ئي اوهين پنهنجي گناهن کي پنهنجو پاڻ سان ٻڌي ٿا هلو.
19
اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“
20
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.
21
ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.
22
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.
23
اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.
24
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
25
تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
26
ڏسو، خداوند پري واري هڪڙي قوم کي سڏ ڪيو آهي، هن ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين سينڍ وڄائي کين سڏيو آهي. سو اهي تمام تيزيءَ سان هلندا ٿا اچن.
27
انهن مان ڪوبہ نہ ٿڪبو ۽ نہ وري ٿاٻڙبو، نڪي ڪو جھوٽو کائيندو ۽ نہ وري ڪو سمهندو. نہ انهن جي چيلهہ جا ڪمربند کُلي پوندا، نہ وري سندن جتين جا تسما ٽٽندا.
28
انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.
29
هنن جي گجڪار شينهن جهڙي آهي، هائو، هو ببر شينهن جيان گجندا ٿا اچن. اهي شينهن وانگر پنهنجو شڪار ڪري بنا روڪ ٽوڪ جي کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ کانئن ڇڏائڻ وارو ڪونہ هوندو.
30
جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66