bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 48
Isaiah 48
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 49 →
1
اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.
3
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.
4
جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،
5
انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن، اهي ڪم اسان جي اُڪريل ۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘
6
مون جيڪي ڪجھہ چيو هو سو اوهان ٻڌو، ۽ اوهان اهو سڀ ٿيندي بہ ڏٺو آهي. ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ جو اقرار نہ ڪندا؟ هاڻي آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ٻڌايان ٿو. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙيون لڪل شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي اوهان کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانہ هئي.
7
اهي مون بلڪل هاڻي ئي پيدا ڪيون آهن. قديم زماني کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي اوهان انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’انهيءَ جي تہ اسان کي اڳي ئي خبر هئي.‘
8
مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.
9
جيئن تہ ماڻهو منهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا، سو آءٌ پنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪندس. انهيءَ جي ڪري ئي آءٌ اوهان کان مڙي ويندس، ۽ اوهان کي تباهہ نہ ڪندس.
10
ڏسو، مون اوهان کي مصيبت جي کوري ۾ آزمايو آهي، جيئن چاندي باهہ ۾ تپائي صاف ڪبي آهي.
11
اهو سڀ مون پنهنجي خاطر، هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي. آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“
12
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اي بني اسرائيل! جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، هائو، آءٌ ئي اول ۽ آءٌ ئي آخر آهيان.
13
مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.
14
اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟
15
آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.
16
هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ
17
”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.
18
ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.
19
تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“
20
اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ” خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،
21
جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.
22
پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 49 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66