bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 19
Isaiah 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 20 →
1
مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.
2
هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.
3
جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا.
4
آءٌ مصرين کي هڪڙي جابر ۽ ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. جيڪو مٿن حڪمراني ڪندو. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“
5
نيل نديءَ جو پاڻي گھٽجي ويندو، بلڪ اها سڪي ٺوٺ ٿي ويندي.
6
انهيءَ مان نڪرندڙ نهرن جي سُڪندڙ پاڻيءَ مان بدبوءِ پيئي ايندي، بلڪ نيل مان نڪرندڙ سڀ واهہ سڪي خشڪ ٿي ويندا، ۽ ڪانا ۽ سَرَ ڪومائجي ويندا.
7
نيل نديءَ جي ڪناري واريون پوکون ۽ چراگاهون ويندي سمنڊ جي ڇوڙ تائين سڀ سڪي سڙي نابود ٿي وينديون.
8
نيل نديءَ جي مڇيءَ تي گذران ڪندڙ مهاڻا روئندا رڙندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪُنڍيون توڙي ڄار بيڪار پيا هوندا.
9
انهيءَ جو اثر صاف ڪيل سڻيءَ جي ڪاريگرن تي بہ پوندو، هائو، عمدي سڻيءَ مان ڪپڙو اڻڻ وارا نااميد ٿي ويندا.
10
بيشڪ مصر جا ڪپڙو اُڻيندڙ ڪاريگر دلشڪستہ ٿيندا، ۽ سڀيئي مزدور غمگين ۽ ملول ٿي پوندا.
11
مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بيوقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“
12
اي فرعون! هاڻي تنهنجي انهن ڏاهن جي ڏاهپ ڪٿي آهي؟ جڏهن تہ اهي ٻڌائي ئي نہ ٿا سگھن تہ قادرِمطلق خداوند جو مصر جي باري ۾ ڪهڙو ارادو آهي؟
13
ضُعن شهر جا اڳواڻ بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي.
14
اهو خداوند ئي آهي، جنهن مصرين منجھہ مونجھارو وجھي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو سندن ئي اڳواڻن کين سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي انهيءَ نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿي پيا آهن، جيڪو پنهنجي الٽيءَ تان پاڻ ئي ترڪي پوي.
15
مصر ۾ ڪوبہ اهڙو نہ هوندو، جيڪو ملڪ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي، پوءِ اهو شاهوڪار هجي توڙي غريب، خاص هجي توڙي عام.
16
جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.
17
ان وقت يهوداہ جو ملڪ مصر جي لاءِ دهشت جو سبب بڻبو. هائو، جنهن وٽ بہ يهوداہ جو ذڪر ڪيو ويندو، سو ڊڄي ويندو. اهو سڀ خداوند قادرِمطلق جي انهيءَ ارادي جي ڪري ٿيندو، جيڪو هن مصر جي خلاف رٿيو آهي.
18
انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي پنجن شهرن ۾ عبراني ٻولي ڳالهائي ويندي ۽ انهن مان هڪڙي شهر کي ”سج جو شهر“ سڏيو ويندو. انهن شهرن جا ماڻهو عهد اقرار ڪندي خداوند قادرِمطلق جا ٻانها بڻجي ويندا.
19
انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربانگاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو.
20
اهي ٻئي شيون مصرين لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي ثابتي هونديون تہ قادرِمطلق خداوند ساڻن گڏ موجود آهي. پوءِ اهي جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن خداوند جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندا تہ هو سندن لاءِ ڪو بچائيندڙ ۽ مددگار موڪليندو، جيڪو اچي کين دشمنن کان ڇڏائيندو.
21
اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.
22
پوءِ جڏهن بہ اهي ڦرندا تڏهن خداوند کين سزا ڏيندو ۽ اهي سندس آڏو توبهہتائب ٿيندا. پوءِ هو کين بچائيندو. هائو، هو سندن دعائون ٻڌندو ۽ هنن تان مصيبتون ٽاري ڇڏيندو.
23
انهن ڏينهن ۾ مصر کان اشور تائين اچ وڃ جو رستو کُليل هوندو، سو اشور وارا مصر ۾ ايندا ۽ مصر وارا اشور ڏانهن ويندا. اهي ٻئي قومون گڏجي خداوند جي عبادت ڪنديون.
24
تڏهن بني اسرائيل مصر ۽ اشور جي ٻنهي ملڪن سان گڏجي ويندا ۽ اهي ٽيئي قومون پوريءَ دنيا لاءِ برڪت جو باعث ٿينديون.
25
انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند انهن کي هي چوندي برڪت وارو ڪندو تہ ”اي مصر وارؤ! منهنجي قوم، اي اشور وارؤ! منهنجي ڪاريگري، ۽ اي بني اسرائيل! منهنجي چونڊيل قوم، آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪريان ٿو.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66