bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 13
Isaiah 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 14 →
1
هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.
2
خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن.
3
اهي ئي منهنجا چونڊيل ماڻهو آهن، جن کي آءٌ خداوند حڪم ڏيان ٿو. هائو، مون پنهنجي انهن بهادرن کي سڏيو آهي، تانتہ هنن جي وسيلي پنهنجو غضب نازل ڪريان، اهي فخر سان للڪاري وڙهن ٿا.“
4
جبلن تي هڪ وڏي انبوہ جو شور ٻڌو. اهو هڪ وڏي لشڪر جو گوڙ شور آهي، هائو، اهو مختلف ملڪن مان آيل قومن جو هل هنگامو آهي. ڏسو، قادرِمطلق جنگ جي لاءِ اهو لشڪر گڏ ڪري ٿو.
5
اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي.
6
هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.
7
تنهنڪري هر ڪنهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا، ۽ همت پاڻيءَ جيان وهي ويندن.
8
هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.
9
ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بيرحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي.
10
آسمان جي ستارن، ۽ ان جي برجن ۾ روشني نہ رهندي، سج اڀرڻ سان ئي اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي وڃائي ويهندو.
11
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.
12
باقي بچيل ماڻهو ايترا تہ ٿورا هوندا جيترو دنيا ۾ سون، هائو، جيترو اوفير جو نج سون اڻلڀ آهي، ايترو ئي اهي چند ماڻهو وڃي بچندا.
13
آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“
14
انهيءَ ڏينهن بابل ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو پنهنجين قومن ۽ پنهنجن ملڪن ڏانهن ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن ڪا هرڻي شڪاريءَ کان ڀڄي نڪري. هائو، اهي نڌڻڪين رڍن وانگر ٽڙي پکڙي ويندا.
15
پوءِ جيڪو بہ پڪڙيو ويندو، تنهن کي تلوار جي منهن ۾ ڏنو ويندو. هائو، جيڪو بہ گرفتار ڪيو ويندو تنهن کي قتل ڪيو ويندو.
16
انهن جي کير پياڪ ٻارن کي سندن روبرو هيٺ اڇلائي ماريو ويندو. سندن گھرن کي لٽيو ڦريو ويندو، ۽ سندن عورتن سان زوري ڪئي ويندي.
17
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ مادئي قوم وارن کي بابلين تي چاڙهي آڻيندس، جن کي نہ چانديءَ ۽ نہ وري سون جي لالچ ئي، ڪو چڙهائي ڪرڻ کان روڪي سگھندي.
18
اهي پنهنجن تيرن سان جوان ماڻهن کي پروڻ ڪري ڇڏيندا. هنن کي کير پياڪن تي بہ ڪو ترس نہ ايندو، هائو، هو ننڍن ٻارن تي بہ ڪو رحم نہ ڪندا.“
19
بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.
20
اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہبدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.
21
بلڪ اهو جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻجي ويندو، ۽ انهيءَ جا گھر اُلو پکين جي آکيرن سان ڀرجي ويندا. اتي شتر مرغ اچي آباد ٿيندا، ۽ بدروح اتي پيا نچندا.
22
انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66