bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 14
Isaiah 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 15 →
1
پر خداوند بني اسرائيل تي رحم فرمائيندو ۽ هڪ دفعو وري کين پنهنجي چونڊيل قوم بڻائيندو. هو کين وري سندن وطن ۾ موٽائي آڻي آباد ڪندو. ڌاريا بہ اچي ساڻن گڏبا ۽ بني اسرائيل جو حصو ٿي رهندا.
2
گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا.
3
اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.
4
جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.
5
خداوند بابل جي حاڪمن جي شاهي لٺ ڀڃي ڇڏي آهي، هائو، هن انهن بدڪار حاڪمن جي طاقت ٽوڙي ڇڏي آهي.
6
اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.
7
پر هاڻي سڄي دنيا آرام ۽ سڪون ۾ آهي، ۽ هر ڪو خوشيءَ جا گيت پيو ڳائي.
8
هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘
9
پاتال جيڪو بابل جي بادشاهہ جي اچڻ تي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ بيچين هو، تنهن هن جي خاطر اڳئين زماني جي مئل حڪمرانن جي روحن کي جاڳايو. هائو، هن ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تخت تان اٿاري کڙو ڪيو.
10
بادشاهہ جي اچڻ تي انهن سڀني روحن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ’واہ! نيٺ تون بہ اسان وانگر عاجز ٿي پئين! هاڻي تہ تون بہ اسان جهڙو ٿي ويو آهين.
11
تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘
12
واہ! اي بابل جا بادشاهہ! تون جيڪو صبح جو روشن ستارو هئين، هاڻي ڏس، ڪيئن نہ آسمان مان هيٺ اچي ڪريو آهين! اي قومن کي پست ڪرڻ وارا! تو کي ڪيئن نہ هاڻي زمين تي اڇلائي پست ڪيو ويو آهي!
13
تون تہ پنهنجيءَ دل ۾ چوندو هئين تہ ’آءٌ عرش عظيم تي چڙهي ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي ستارن کان بہ مٿاهون ڪندس، ۽ عرش تي معبودن جي گڏجاڻيءَ واري جبل تي بادشاهہ بڻجي ويهندس.‘
14
تو سوچيو ٿي تہ ’آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهي ويندس، آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.‘
15
مگر انهيءَ جي بجاءِ تون تہ قبر ۾، بلڪ پاتال جي تمام هيٺاهين ڀاڱي ۾ لاٿو ويو آهين.
16
اتي مئل ماڻهو تو کي چتائي ڏسن ٿا، ۽ حيرت وچان چون ٿا تہ ’هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن ڌرتيءَ کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيائين؟
17
هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تانتہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘
18
ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.
19
پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.
20
تون ٻين بادشاهن وانگر قبر ۾ وڃي آرامي نہ ٿيو آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي ملڪ کي ناس ڪري ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي رعيت کي ڪهي ڇڏيو هو. سو اي بدڪارن جا نسل! تنهنجو نالو نشان بہ باقي نہ رهندو.
21
هائو، تنهنجي اولاد لاءِ بہ قتل جو سامان تيار آهي، اهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري ماريا ويندا. اهي وري دنيا جا مالڪ نہ بڻجي سگھندا، ۽ نہ ئي روءِزمين تي ڪو شهر آباد ڪري سگھندا.“
22
خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل وارن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندس ۽ سندن نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ ننڍو هجي توڙي وڏو منجھس ڪوبہ باقي جيئرو نہ رهندو.
23
آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
24
خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو.
25
آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،
26
ڇاڪاڻ تہ هر قوم منهنجي ظابطي ۾ آهي، بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي منصوبن تي عمل پيو ٿئي.
27
هائو، مون قادرِمطلق خداوند ئي اهي منصوبا جوڙيا آهن، هاڻي ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي روڪي سگھي؟ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو منهنجي وڌيل هٿ کي پوئتي هٽائي سگھي.“
28
جنهن سال بادشاهہ آخز وفات ڪئي، تنهن سال خداوند فلستين لاءِ هي پيغام ڏنو تہ
29
”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.
30
آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو.
31
اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“
32
تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
Recommended Reading
Commentary
Isaiah Commentaries
→
Devotional
Isaiah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→