bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 9
Isaiah 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 10 →
1
پر جيڪي اڳي ڏک ۾ هئا تن لاءِ ڪا اونداهي نہ هوندي. اڳ ۾ خدا زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي علائقن کي حقارت جهڙو ڪيو هو. پر ايندڙ زماني ۾ ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي تائين، بلڪ گليل واري علائقي سميت جتي غير قومون رهن ٿيون، يعني سڄي اسرائيل ملڪ کي هو عزت وارو ڪندو.
2
بيشڪ جيڪا قوم مصيبت جي اونداهيءَ ۾ ٿي هلي، سا خوشحاليءَ جي وڏي روشنائي ڏسندي. هائو، اها روشنائي انهن سڀني تي چمڪندي، جيڪي موت جي پاڇي واري هنڌ رهن ٿا.
3
اي خداوند! تون پنهنجي قوم جي شادماني وڌائيندين، ۽ انهن جي خوشي زيادہ ڪندين. هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ڪندا، جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ٿيندي آهي.
4
انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.
5
تنهنجي قوم انهيءَ ڪري خوشي ڪندي جو سندن دشمنن جي لاشن جا رت ۾ ڀريل ڪپڙا ساڙيا ويندا، ۽ انهن ملڪ لتاڙيندڙ لشڪر وارن جا بوٽ باهہ جو کاڄ بڻبا.
6
اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.
7
هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.
8
پروردگار يعقوب جي اولاد مان انهن تي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اسرائيل ملڪ ۾ رهن ٿا.
9
گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ
10
”سرن واريون عمارتون ڪري پيون تہ ڇا ٿيو، اسين تراشيل پٿرن سان وڌيڪ بهتر عمارتون اڏينداسين. انجير جا شهتير وڍيا ويا آهن تہ ڇا ٿيو، اسين انهن جي جاءِ تي ديال جو مضبوط ڪاٺ لڳائينداسين.“
11
انهيءَ ڪري خداوند انهن جي خلاف سندن مخالفن کي اٿاري کڙو ڪيو. هائو، هن سندن دشمنن کي مٿن چاڙهي آندو.
12
سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي ، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
13
اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہتائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.
14
سو خداوند هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اسرائيل وارن مان سڀني اڳواڻن کي ناس ڪري ڇڏيندو، هائو، هو مٿي ۽ پُڇ کي هڪ ئي ڏينهن وڍي ڇڏيندو.
15
بزرگ ۽ معزز ماڻهو مٿي مثل آهن، ۽ نبي سڏائيندڙ جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، سي پڇ مثل آهن،
16
بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.
17
پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رننزالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
18
جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.
19
سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.
20
سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.
21
اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66