bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 30
Isaiah 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 31 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.
2
اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ ئي، مدد لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڀڄن، انهيءَ لاءِ تہ فرعون سندن حفاظت ڪري، ۽ هو مصر جي پاڇي ۾ پناهہ حاصل ڪن.
3
مگر فرعون جي طاقت کان کين مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھہ بہ هڙ حاصل نہ ٿيندو. هائو، مصر جي پاڇي ۾ پناهہ وٺڻ سندن لاءِ ذلت جو باعث بڻبو.
4
جيتوڻيڪ سندن ايلچي اڳ ۾ ئي مصر جي شهرن ضُعن ۽ حنيس ۾ پهچي چڪا آهن،
5
مگر اڳتي هلي يهوداہ وارا پڇتائيندا تہ هنن هڪ اهڙي بيڀروسي قوم تي توڪل ڪئي آهي، جيڪا کين ذلت ۽ خواريءَ کان سواءِ ڪو فائدو پهچائي نہ ٿي سگھي.“
6
ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.
7
هائو، انهيءَ مصري قوم جي مدد اجائي ۽ بيفائدي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون مصر کي ’لاچار ازدها‘ سڏيو آهي.“
8
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تانتہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،
9
ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.
10
اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.
11
اوهين پيغام ٻڌائڻ جي رستي کان هٽي پري ٿيو، هائو، انهيءَ راهہ کان بلڪل هٽي وڃو. اوهان جو بني اسرائيل وارو پاڪ معبود جيڪي چوي ٿو، سو اسين ٻڌڻ نہ ٿا چاهيون.‘“
12
سو هاڻي بني اسرائيل جو پاڪ معبود سندن جواب ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان منهنجي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ظلم ۽ ڪوڙ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهن تي ئي اوهان جو دارومدار آهي.
13
تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.
14
هائو، اوهين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندا، ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ ڪوبہ اهڙو ٽڪر نہ ملندو، جنهن ۾ چلهہ مان ڪو ٽانڊو کڻي سگھجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍي سگھجي.“
15
خداوند ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود کين اهو بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيندا، ۽ اطمينان رکندي مون تي ڀروسو ڪندا تہ اوهين بچي ويندا. هائو، بيفڪري ۽ توڪل ۾ ئي اوهان جي مضبوطي آهي.“ پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گھريو،
16
بلڪ اوهان چيو تہ ”نہ، اسين گھوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين.“ سو اوهين ڀڄي ضرور ويندا پر بچي ڪين سگھندا. اوهان هي بہ چيو تہ ”اسين تيز رفتار جانورن تي سوار ٿي دشمن کان بچي وينداسين.“ پر ياد رکو، اوهان جو پيڇو ڪندڙ دشمن اوهان کان وڌيڪ تيز رفتار هوندا.
17
هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.
18
تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.
19
اي صيئون جبل تي يروشلم ۾ رهندڙ قوم وارؤ! اڳتي اوهان کي ڪڏهن بہ روئڻو نہ پوندو. خداوند اوهان جي فرياد جو آواز ٻڌڻ سان ئي اچي اوهان تي رحم ڪندو. هائو، هو اوهان جي ٻڌندو ۽ هڪدم وراڻي ڏيندو.
20
جيتوڻيڪ پروردگار اوهان کي تنگي ۽ ڏکيائيءَ ۾ وڌو آهي، تہ بہ هاڻي اهو سيکاريندڙ خدا، جيڪو اوهان کان ڳجھو آهي سو وري اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو.
21
هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“
22
پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.
23
خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.
24
جيڪي ڏاند ۽ گڏهہ اوهان جي ٻنين ۾ هر ٿا ڪاهين، تن کي ڇڄ سان وائريل عمدو ۽ بهترين اناج چاري ۾ ڏنو ويندو.
25
انهيءَ ڏينهن جڏهن اوهان جي دشمنن جا قلعا فتح ڪري سندن قتلام ڪيو ويندو، تڏهن هر جبل ۽ هر ٽڪريءَ تان پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون وهي هلنديون.
26
انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.
27
ڏسو، خداوند خود پري کان ڏسڻ ۾ ايندو. سندس ڪاوڙ باهہ ۽ گھاٽي دونهين وانگر هوندي. هن جو ڳالهائڻ قهر جهڙو هوندو، هائو، سندس لفظ باهہ وانگر ساڙيندڙ هوندا.
28
هن جي ڦوڪ اٿل کائيندڙ اهڙيءَ ٻوڏ وانگر هوندي، جيڪا هر شيءِ کي لوڙهيو ڇڏي. هو غير قومن کي تباهيءَ واري ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي ناس ڪندو، ۽ سندن ڄاڙين ۾ لغام وجھي کين قيد ڪرائيندو.
29
ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن.
30
انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.
31
خداوند جي آواز ٻڌڻ سان ۽ سندس لٺ جي ڊپ کان اشورين کي دهشت وٺي ويندي.
32
خداوند جيئن جيئن لٺ سان انهن کي ڌڪ هڻندو، تيئن تيئن سندس قوم دڦ ۽ سارنگيءَ تي هٿ هڻندي اهي وڄائيندي. خدا پنهنجي زورآور هٿ سان اشورين جي خلاف سخت جنگ وڙهندو.
33
خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66