bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 33
Isaiah 33
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 34 →
1
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.
2
اي خداوند! اسان تي رحم فرماءِ. اسان جي توڪل تو تي ئي آهي. تون هر روز اسان جي حفاظت ڪر، ۽ اسان جي مشڪلاتن جي وقت اسان کي اچي بچاءِ.
3
جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.
4
پوءِ اسين مٿن حملو ڪري کين ائين لٽيون ڦريون ٿا، جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ فصل کائي چٽ ڪريو ڇڏين.
5
خداوند جيڪو عرش تي تختنشين آهي، سو ڪيڏو نہ عظيم آهي! هو ئي يروشلم کي انصاف ۽ سچائيءَ سان ڀري ڇڏيندو،
6
۽ انهيءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکندو. هو اسان جي قوم جي هميشہ حفاظت ٿو ڪري، ۽ اسان کي حقيقي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪري ٿو. خداوند جو خوف ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.
7
ڏسو، اسان جا بهادر سپاهي گھٽين ۾ ڊوڙندي مدد لاءِ رڙندا ٿا وتن. اسان جا ايلچي جيڪي امن وَ سلامتيءَ جي اميد کڻي ويا هئا، سي زاروزار روئندا موٽيا آهن.
8
شاهي رستا ويران ٿي ويا آهن، خوف وچان ڪوبہ انهن تي سفر نہ ٿو ڪري. عهد شڪني ڪئي وڃي ٿي، شاهدي ڏيڻ وارن تي ڪو يقين ڪونہ ٿو ڪري ۽ ماڻهو هڪٻئي جي عزت نہ ٿا ڪن.
9
ٻنيون سڪي سڙي ويران ٿي ويون آهن، لبنان جا ٻيلا ڪومائجي سڪي ويا آهن. شارون جي سرسبز ماٿري بيابان بڻجي ويئي آهي، ۽ بسن جي علائقي ۽ ڪرمل جبل جي ٻيلن جا پن ڇڻي ويا آهن.
10
خداوند غير قومن کي فرمائي ٿو تہ ”هاڻي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس، هائو، هاڻي آءٌ پنهنجو ڪم ڪندس، ۽ پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندس.
11
اوهان جون تباهيءَ واريون ڳالهيون باهہ مثل آهن، اهڙيءَ باهہ مثل جيڪا خود اوهان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. هائو، اوهان جا بيڪار منصوبا بُهہ جيان، ۽ اوهان جا فضول ڪم سڪل گاهہ جيان سڙي ناس ٿيندا.
12
اوهان کي ائين ساڙيو ويندو، جيئن ڪنڊا سڙي رک ٿي ويندا آهن. هائو، اوهين تيستائين باهہ ۾ سڙندا رهندا، جيستائين اوهان جون هڏيون سڙي رک ٿي نہ وڃن.
13
ڀلي تہ اوري ۽ پري وارا سڀ ٻڌن، تہ مون ڇا ڇا ڪيو آهي. تڏهن اهي منهنجي طاقت کي ڄاڻي وٺندا.“
14
صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“
15
پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.
16
پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.
17
پوءِ اوهين هڪ دفعو ٻيهر وڏي شان واري بادشاهہ کي ملڪ تي بادشاهي ڪندي ڏسندا. سندس بادشاهت هر طرف پري پري تائين پکڙيل هوندي.
18
پوءِ اوهان جي دل مان پراڻو خوف نڪري ويندو، ۽ اوهين انهن کي ياد ڪندي چوندا تہ ”اهي غير قوم جا عملدار ڪيڏانهن هليا ويا، جيڪي اسان کي ڊيڄاريندا هئا، ۽ ڳرا ٽيڪس اُڳاڙڻ لاءِ اسان جو سامان توريندا هئا، ۽ اسان جي قلعن کي مضبوط ٿيڻ نہ ڏيندا هئا؟“
19
اوهين اها وحشي قوم وري نہ ڏسندا، جيڪي عجيب وَ غريب ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ انهن جي اها مِڻ مِڻ اوهين سمجھي نہ سگھندا هئا.
20
صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.
21
اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.
22
خداوند ، جيڪو اسان جو منصف، اسان جو حاڪم ۽ اسان جو بادشاهہ آهي، سو ئي اسان کي بچائيندو.
23
تڏهن اسان کي وڏي ملڪيت حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ دشمن جي جھنڊي جي ڪاٺي ڀڳل هوندي، ۽ سندن جھنڊو ڪريل هوندو. اسين دشمنن جي دولت مان جيڪي وڻندو، سو لٽي ڦري وٺنداسين. اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو منڊو ماڻهو بہ ان مان لٽي وٺندو.
24
اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66