bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 31
Isaiah 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 32 →
1
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بيشمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند ، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.
2
پر سياڻو تہ رڳو خداوند آهي. هو پنهنجو قول ضرور پورو ڪندو آهي. سو هو بدڪارن تي مصيبت آڻيندو، ۽ سندن حمايت ڪندڙن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندو.
3
مصري تہ رڳو فاني انسان آهن، اهي خدا جيان غير فاني نہ آهن. انهن جا گھوڙا بہ رڳو هڏ ماس جا ٺهيل آهن، اهي روح جيان لازوال نہ آهن. جڏهن خداوند سزا لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندو، تڏهن مدد گھرڻ وارن سان گڏ سندن مدد ڪرڻ وارا بہ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي سڀ جو سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.
4
خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تانتہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.
5
هائو، جيئن پکي پنهنجي آکيري مٿان ٻچن جي حفاظت لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي، تيئن ئي آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي حفاظت ڪندس ۽ انهيءَ کي بچائيندس.“
6
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي خلاف سخت بغاوت پئي ڪئي آهي، پر هاڻي مون آڏو توبهہتائب ٿيو.
7
ڏسو، اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوهين پنهنجي گنهگار هٿن سان ٺاهيل سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي کڻي اڇلائي ڇڏيندا.
8
تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.
9
انهن جو محافظ شهنشاهہ دهشت وچان ڀڄي ويندو، ۽ سندن لشڪر جا سالار اهڙا تہ ڊڄي ويندا، جو پنهنجا جنگي جھنڊا بہ اڇلائي ڀڄي نڪرندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. انهيءَ خداوند جو، جنهن جو خوفناڪ قهر، ٻرندڙ تنور جي باهہ جيان يروشلم ۾ ٿو ڀڙڪي.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
Recommended Reading
Commentary
Isaiah Commentaries
→
Devotional
Isaiah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→