bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 54
Isaiah 54
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 53
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 55 →
1
اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.
2
جيئن ماڻهو اولاد جي وڌڻ ڪري پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ٿا ڪن، انهيءَ جا رسا ڊگھا ٿا ڪن ۽ انهيءَ جا ڪِلا مضبوط ٿا ڪن، تيئن ئي تون بہ ڍرائي نہ ڪر. هائو، پنهنجي آباديءَ جي حدن کي وڌائي ڇڏ.
3
هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون. هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن. تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو.
4
ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رنزال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.
5
تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.
6
تون هڪ اهڙي جوان زال وانگر هئينءَ، جنهن کي مڙس ڄڻ ڇڏي ڏنو هجي، ۽ جنهن جي دل ڏکايل هجي. پر هاڻي خداوند تو کي وري زال سڏيندي فرمائي ٿو تہ
7
”مون تو کي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو هو، پر هاڻ گھڻيءَ ٻاجھہ سان آءٌ تو کي وري پنهنجي سيني سان لائيندس.
8
آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.
9
جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس.
10
آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“
11
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،
12
تنهنجا منارا لعلن جا، تنهنجا دروازا شبچراغ جا، ۽ تنهنجيون سڀيئي ديوارون هيرن جواهرن جون جوڙيندس.
13
تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.
14
انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.
15
ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.
16
ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.
17
پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 53
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 55 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
Recommended Reading
Commentary
Isaiah Commentaries
→
Devotional
Isaiah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→