bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 22
Isaiah 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 23 →
1
هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟
2
اوهان جي شهر ۾ ڇو خوشيءَ جا نعرا، گوڙ شور ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي، جڏهن تہ جنگ ۾ اوهان جا قتل ٿيل ماڻهو، وڙهيا ئي ڪين هئا تہ بہ مارجي ويا.
3
بلڪ اوهان جا سڀيئي اڳواڻ ڀڄي نڪتا هئا، ۽ انهن سڀني کي بنا تير هڻڻ جي قيد ڪيو ويو آهي. توڙي جو اهي تمام پري نڪري ويا هئا، تہ بہ کين پڪڙي گڏ ڪيو ويو.
4
اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تانتہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“
5
خداوند ، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.
6
عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.
7
يهوداہ جون سرسبز واديون انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين سان ڀرجي ويون آهن. سندن گھوڙي سوار سپاهي يروشلم جي دروازن اڳيان صفون ٻڌيو بيٺا آهن.
8
سڄي يهوداہ جو دفاع ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي. اي يروشلم وارؤ! انهيءَ وقت اوهان پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ ڪيو، بلڪ پنهنجي لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جي اسلحہ خاني مان وڃي هٿيار ڪڍيا.
9
اوهان ڏٺو تہ يروشلم شهر جي ڀتين جا گھڻا حصا ڀڳل هئا. سو اوهان يروشلم جي گھرن جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ انهن مان ڪن گھرن کي ڊاٺو، تانتہ شهر جي ڀڳل ڀتين جي مرمت ڪرڻ لاءِ انهن مان پٿر حاصل ڪريو. اوهان هيٺاهين تلاءَ ۾ پاڻي گڏ ڪيو.
11
اوهان اندرين ٻنهي ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو وڏو حوض تعمير ڪيو، تہ جيئن پراڻي تلاءَ کان وهندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو وڃي. پر جنهن خدا اهو سڀ ڪرڻ لاءِ گھڻو اڳي رٿي ڇڏيو هو، تنهن کان اوهان منهن موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.
12
انهيءَ وقت خداوند ، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.
13
پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“
14
تڏهن قادرِمطلق خداوند پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون کي فرمايو تہ ”يقيناً جيستائين هي جيئرا آهن، تيستائين هنن جون اهي بڇڙايون هرگز معاف نہ ڪيون وينديون. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“
15
پوءِ خداوند قادرِمطلق خدا مون يسعياہ کي شاهي محل جي ناظم شبناہ ڏانهن پنهنجو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ
16
”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟
17
ياد رک، ڀلي تون ڪيترو بہ طاقتور هجين، مگر آءٌ خداوند تو کي پڪڙي تمام زور سان پري اڇلائي ڇڏيندس.
18
بيشڪ آءٌ تو کي مروڙي سروڙي کينهوءَ وانگر هڪ ڏورانهين وڏي ملڪ ۾ اڇلائيندس. اتي تون مرندين ۽ اهي جنگي گھوڙي گاڏيون جن تي تون فخر ٿو ڪرين سي اتي ئي رهجي وينديون. اهڙيءَ طرح تون پنهنجي آقا جي گھر جي خواريءَ جو سبب بڻبين.
19
آءٌ خداوند تو کان تنهنجو عهدو کسي وٺندس. هائو، آءٌ تو کي تنهنجي اعليٰ مرتبي تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندس.
20
انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند پنهنجي ٻانهي الياقيم ولد خلقياہ کي سڏيندس
21
۽ تنهنجي خلعت انهيءَ کي ڍڪائيندس. آءٌ تنهنجو ڪمربند انهيءَ کي ٻڌندس ۽ تو وارا اختيار انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس. الياقيم يروشلم جي رهاڪن توڙي يهوداہ جي شاهي گھراڻي جي ابي ڏاڏي جيان ٿيندو.
22
آءٌ خداوند دائود جي گھراڻي جون سموريون چاٻيون انهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندس. سو هو پوري اختيار سان هر ڪم ڪندو. هو جيڪا شيءِ کوليندو سا ڪوبہ بند ڪري نہ سگھندو ۽ جيڪا شيءِ هو بند ڪندو تنهن کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو.
23
آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.
24
الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.
25
تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66