bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 59
Isaiah 59
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 58
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 60 →
1
ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي، جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي، يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي.
2
بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.
3
اوهان جا هٿ خون سان ڀريل آهن، ۽ اوهان جا پير بدڪاريءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن. اوهان جا چپ ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ اوهان جون زبانون بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن.
4
عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.
5
اوهان جا منصوبا ڪوريئڙي جي انهيءَ ڄار مثل آهن، جنهن کي اوهين اُڻو ٿا پر انهيءَ مان ڪپڙو نہ ٿو ٺهي سگھي. هائو، اوهين پنهنجي اعمالن سان پاڻ کي ڍڪي نہ سگھندا. بلڪ اوهان جا منصوبا نانگ جي بيضن جيان آهن، جن کي ڦوڙڻ لاءِ اوهين مٿن آرو ٿا ڪريو. انهن بيضن مان جيڪو بہ کائي ٿو سو مريو ٿو پوي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪو ٽوڙيو ٿو وڃي، تہ منجھانئس ڪاريهر نانگ ٿو نڪري. بيشڪ اوهان جا اعمال بدڪاريءَ وارا آهن، ۽ اوهان جا هٿ ظلم جي ڪم ۾ رڌل آهن.
7
اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بيگناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.
8
اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ. هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن، سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو، تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.
9
تڏهن ماڻهن چيو تہ ”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي. اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا، پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي. هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا، پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.
10
اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون. هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون، ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ. اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون، جيئن رات جو اونداهيءَ ۾. اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.
11
اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.
12
اي خداوند! اسان جون بدڪاريون تو آڏو گھڻيون وڌي ويون آهن. اسان جا اهي گناهہ اسان جي خلاف شاهدي ٿا ڏين، جيڪي اسان کان ڪونہ ٿا وسرن. هائو، اسين پنهنجي بدڪارين کان پوريءَ طرح واقف آهيون.
13
بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن.
14
سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي، ۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي. انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي. اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.
15
هائو، سچائي گم ٿي ويئي آهي. هاڻ جيڪو بديءَ کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، سو انهيءَ جو شڪار بڻجيو وڃي.“ جڏهن خداوند اهو سڀ ڏٺو تہ سندس قوم سان انصاف نہ ٿو ٿئي، تڏهن سندس نظر کي اهو برو لڳو.
16
بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري. تڏهن ارادو ڪيائين تہ هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو، ۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.
17
سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.
18
پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.
19
هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.
20
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ يروشلم ۾ اوهان جي بچاءَ لاءِ ايندس ۽ انهن سڀني ماڻهن کي ڇڏائيندس، جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن.
21
اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 58
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 60 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66