bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 6
Isaiah 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 7 →
1
جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.
2
هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.
3
اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ” پاڪ ، پاڪ ، پاڪ ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“
4
انهن جي پڪار تي هيڪل جا بنياد لڏي ويا ۽ پوري هيڪل دونهين سان ڀرجي ويئي.
5
تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“
6
تڏهن انهيءَ شعليدار مخلوق مان هڪڙو اڏاميو ۽ چمٽي سان قربانگاهہ تان هڪڙو ٽانڊو کڻي مون وٽ آيو.
7
هن اهو آڻي منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”ڏس، هي تنهنجي چپن کي لڳو آهي. سو هاڻي تنهنجا قصور معاف ڪيا ويا آهن ۽ تنهنجي گناهن جو ڪفارو ڏنو ويو آهي.“
8
پوءِ مون پروردگار جو آواز ٻڌو، جنهن فرمايو تہ ”هتي ڪير آهي، جنهن کي آءٌ موڪليان؟ ڇا ڪو اسان جي لاءِ ويندو؟“ تڏهن مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان. مون کي موڪليو.“
9
تڏهن خداوند فرمايو تہ ”وڃ، هن قوم کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’بيشڪ اوهين منهنجو پيغام ٻڌو تہ ٿا پر سمجھو نہ ٿا، بيشڪ اوهين منهنجا ڪم ڏسو تہ ٿا پر پروڙيو نہ ٿا.‘
10
اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہتائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
11
تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.
12
آءٌ خداوند هنن ماڻهن کي ڏورانهن علائقن ڏانهن تڙي ڇڏيندس، پوءِ سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو.
13
جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہبلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66