bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 49
Isaiah 49
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 50 →
1
اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو. اي پري جون قومون! ڪن ڏيو. جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس، تہ خداوند مون کي چونڊيو. هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس، تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.
2
هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.
3
هن مون کي فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين. تنهنجي ڪري ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪندا.“
4
پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ ”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“ انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ خداوند منهنجو انصاف ڪندو، ۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.
5
خدا مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽان ئي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، تانتہ آءٌ سندس قوم بني يعقوب کي وٽس موٽائي آڻيان. هائو، خداوند مون کي مان مرتبو بخشيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت عطا ڪئي اٿائين، تہ جيئن آءٌ سندس انهيءَ ٽڙيل پکڙيل قوم بني اسرائيل کي آڻي وٽس گڏ ڪريان.
6
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
7
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
8
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.
9
آءٌ قيدين کي چوندس تہ ’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘ ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ ’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘ اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا، جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن، ۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.
10
انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.
11
آءٌ جبلن کي سڌو ڪري رستو بڻائيندس، ۽ پنهنجي قوم جي سفر ڪرڻ لاءِ شاهي رستو تيار ڪندس.
12
ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا، ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان، ۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“
13
اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.
14
پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ” خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“
15
سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.
16
ڏسو، اي يروشلم وارؤ! آءٌ ڪيئن ٿو اوهان کي وساري سگھان؟ مون تہ اوهان جي شهر کي ڄڻ پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي. هائو، انهيءَ جو ڪوٽ هميشہ منهنجي اکين آڏو آهي.
17
ڏسو، اوهان جي شهر کي اجاڙڻ ۽ برباد ڪرڻ وارا شهر مان نڪرندا ٿا وڃن، جڏهن تہ اوهان جي شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا جلد اچي رهيا آهن.
18
پنهنجيون اکيون کڻي چئني پاسن ڏانهن نهاريو. ڏسو تہ اوهان جي قوم وارا سڀيئي گڏجي واپس اوهان وٽ اچي رهيا آهن. آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً اوهين پنهنجي قوم وارن تي ائين فخر ڪندا، جيئن ڪا ڪنوار پاڻ کي زيورن سان سينگاري فخر ڪندي آهي.“
19
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ.
20
هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا، سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ ’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي، اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘
21
تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟ جڏهن تہ آءٌ بياولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس، پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس، پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“
22
قادرِمطلق خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ غير قومن کي اشارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ بلند ڪندس، تڏهن اهي تنهنجي پٽن کي هنج ۾ کنيو ايندا، ۽ تنهنجي ڌيئرن کي ڪلهن تي کڻي آڻي تو وٽ پهچائيندا.
23
انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“
24
جيئن زورآورن کان سندن شڪار نہ ٿو کسي سگھجي، تيئن فتحمندن کان سندن قيدي نہ ٿو ڇڏائي سگھجي.
25
پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.
26
جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند ، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 50 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66