bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 34
Isaiah 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 35 →
1
اچو، اي سموريون قومون! چوڌاري اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو. اچو اي سڀ امتون! ڪن ڏيو. هائو، سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر مخلوق هتي اچي ۽ ٻڌي.
2
ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
3
انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.
4
سج، چنڊ ۽ تارا ڀُري دز ٿي ويندا. آسمان ڪاغذ جي ويڙهوٽي وانگر ويڙهجي ويندو، ۽ ان مان ستارا ائين ڇڻي ڪرندا، جيئن انگورن جي ول ۽ انجير جي وڻ مان پن سڪي ڇڻي پوندا آهن.
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون پنهنجي تلوار کي آسمان ۾ تيار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اها ادوم تي اچي ڪڙڪندي، جنهن جي رهاڪن لاءِ مون تباهي مقرر ڪئي آهي.
6
مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربانگاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.
7
ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“
8
خداوند اهو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هو صيئون وارن سان انصاف ڪرڻ ايندو، ۽ سندن دشمنن کان بدلو وٺندو.
9
ادوم جي ندين جو پاڻي ڏامر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو، ان جي مٽي گندرف بڻجي ويندي، ۽ سڄو ملڪ ٽهڪندڙ ڏامر ٿي پوندو.
10
اهو رات ڏينهن ٽهڪندو رهندو، جنهن جو دونهون زماني جي آخر تائين پيو اٿندو رهندو. ادوم جو ملڪ پيڙهي بہ پيڙهي ويران رهندو، ۽ انهيءَ مان وري ڪوبہ سفر نہ ڪندو.
11
اهو ملڪ رڳو بازن ۽ ڄاهن جي حوالي ٿي ويندو، جتي رڳو چٻرن ۽ ڪانوَن جا آکيرا هوندا. خدا انهيءَ ملڪ کي بلڪل کنڊر بڻائي ڇڏيندو. هائو، اتي رڳو پٿرن جا ڍير نظر ايندا.
12
ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هوندو، بلڪ انهيءَ جو ڪو اڳواڻ ئي نہ رهندو، جنهن کي بادشاهہ چونڊي سگھجي.
13
انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو.
14
جھنگلي جانور اچي اتي پيا ڀٽڪندا، ڀوت پيا هڪٻئي کي پڪاريندا. رات جو راڪاس اتي پيو گھمندو، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ ڳولي لهندو.
15
اتي چٻرا پنهنجا آکيرا ٺاهيندا، اهي آنا لاهيندا ۽ آرو ڪري ٻچا ڦوڙيندا، ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندا. ڳجھون جوڙو جوڙو ٿي اتي اچي گڏ ٿينديون.
16
اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن.
17
اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو.
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66