bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 66
Isaiah 66
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 65
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟
2
هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہتائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.
3
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.
4
انهيءَ ڪري آءٌ بہ پنهنجي مرضيءَ سان هنن لاءِ مصيبتون چونڊي وٺندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿن آڻيندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون سڏيو تہ ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو تڏهن ڪنهن بہ نہ ٻڌو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو هنن ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو ئي هنن پسند ڪيو.“
5
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.
6
ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.
7
منهنجو پاڪ شهر يروشلم هڪ اهڙي عورت وانگر آهي، جنهن ويم جي سورن کائڻ کان سواءِ اوچتو ئي ٻار ڄڻيو هجي.
8
ڇا اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ ڇا اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ ڇا ڪو ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٺهي پوندو آهي؟ يا ڪا قوم هڪڙيءَ ئي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿي پوندي آهي؟ پر ڏسو، صيئون هڪ اهڙو شهر آهي، هائو، اهو هڪ اهڙيءَ ماءُ وانگر آهي، جنهن کي سورن ٿيڻ شرط ئي ٻار ڄاوا هجن.
9
ڇا آءٌ ويم جا سور پيدا ڪري ٻار پيدا ٿيڻ نہ ڏيان؟ هائو، ڇا آءٌ پنهنجي قوم کي نئين سر پيدا ٿيڻ جي مرحلي تي آڻي کين سندن ملڪ ۾ قائم نہ ڪريان؟ اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
10
يروشلم سان خوشيون ملهايو، ۽ انهيءَ جي ڪري شادماني ڪريو. اي انهيءَ شهر سان محبت ڪرڻ وارؤ! اوهين جيڪي ڪڏهن هن لاءِ ماتم ڪندا هئا، سي هاڻي ساڻس گڏ خوشيون ملهايو.
11
يروشلم جي وسندي اوهان جي ائين پالنا ڪندي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئاري ڍءُ ڪرائيندي آهي. هائو، اوهين انهيءَ شهر جي خوشحاليءَ مان خوب لطف ماڻيندا، ايستائين جو اوهين اطمينان حاصل ڪريو.
12
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.
13
آءٌ يروشلم ۾ اوهان کي اهڙي تسلي ڏيندس، جهڙي ڪنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ کان ملندي آهي.
14
جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“
15
ڏسو، خداوند ، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.
16
هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.
17
انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،
18
ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي
19
ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.
20
اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.
21
آءٌ خداوند انهن موٽي آيلن مان ڪن کي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.“
22
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح نئون آسمان ۽ نئين زمين جيڪي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تهڙيءَ طرح اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.
23
هر نئين چنڊ جي عيد ۽ هر سبت جي ڏينهن تي، هر قوم جا ماڻهو مون خداوند جي عبادت ڪرڻ واسطي يروشلم ۾ منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيندا.
24
جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“
← Chapter 65
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
Recommended Reading
Commentary
Isaiah Commentaries
→
Devotional
Isaiah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→